اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پُرامن احتجاج هر شهريءَ جو آئيني حق، ان دوران روڊ بند ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جا مسئلا پيچيدا هوندا آهن. اڱاري ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ مختلف ميمبرن جي نُڪتن جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ڪجهه معاملن ۾ عدالتون ئي مناسب فورم آهن ۽ آئيني …
پُرامن احتجاج هر شهريءَ جو آئيني حق، ان دوران روڊ بند ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جا مسئلا پيچيدا هوندا آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پُرامن احتجاج هر شهريءَ جو آئيني حق، ان دوران روڊ بند ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جا مسئلا پيچيدا هوندا آهن. اڱاري ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ مختلف ميمبرن جي نُڪتن جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ڪجهه معاملن ۾ عدالتون ئي مناسب فورم آهن ۽ آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صوماليه ۾ اغوا ٿيل شهرين جي معاملي تي حڪومت سفارتي ذريعن سان به رابطو ڪري رهي آهي، مضبوط سفارتي ناتن جي صورت ۾ رابطا ڪاري ۽ معاملن جي حل ۾ آساني ٿئي ٿي. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت انهن ماڻهن جي مسئلن جي حل ۽ متاثر ڪٽنبن جي ڏُکيائين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي، حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن طرفان ان معاملي تي مختلف رُخن تي ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي معاملو سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي به اُماڻي سگهجي ٿو.








