اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) آپريشن ردالفتنه-3 تحت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز زيارت، هرنائي ۽ سوراب ۾ دهشتگردن خلاف ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن دوران 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي زيارت ۽ هرنائي وچ ۾ جابلو سلسلي ۾ وڏو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن …
آپريشن ردالفتنه-3 تحت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروايون، 9 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) آپريشن ردالفتنه-3 تحت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز زيارت، هرنائي ۽ سوراب ۾ دهشتگردن خلاف ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن دوران 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي زيارت ۽ هرنائي وچ ۾ جابلو سلسلي ۾ وڏو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز ۾ نشانو بڻايو جنهن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڳجهي اطلاع جي بنياد دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي به تباهه ڪري ڇڏيو. سوراب ضلعي جي علائقي حاجيڪه ڳوٺ ۾ ڪامياب آپريشن دوران هڪ دهشتگرد کي ماريو ويو. سيڪيورٽي فورسز دشت ڪٽائي ۽ حاجيڪه وچ ۾ اثرائتي ناڪابندي قائم ڪئي ۽ دهشتگردن جي چُرپر جو پتو لڳايو. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ايمونيشن، ميگزين، دستي بم، واڪي ٽاڪي، موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي ۽ جٽادار امن جي قيام تائين بنا رڪاوٽ پنهنجون ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم تي قائم آهي.








