اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته مسلمانن هڪ زماني ۾ علم، تحقيق ۽ سائنسي جستجو ۾ دنيا جي قيادت ڪئي، جنهن تهذيب ڪڏهن علمي دنيا جي اڳواڻي ڪئي اها اڄ ان حوالي سان ٻين جي محتاج ڇو آهي؟ اسان کي پنهنجي عظيم علمي روايتن کي ٻيهر زندهه ڪرڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن رٿابندي، …
جنهن تهذيب دنيا جي اڳواڻي ڪئي اها اڄ ٻين جي محتاج ڇو، اسان کي پنهنجي عظيم علمي روايتن کي زندهه ڪرڻو پوندو: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته مسلمانن هڪ زماني ۾ علم، تحقيق ۽ سائنسي جستجو ۾ دنيا جي قيادت ڪئي، جنهن تهذيب ڪڏهن علمي دنيا جي اڳواڻي ڪئي اها اڄ ان حوالي سان ٻين جي محتاج ڇو آهي؟ اسان کي پنهنجي عظيم علمي روايتن کي ٻيهر زندهه ڪرڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۾ محفل ميلاد النبي صلي الله عليھ وسلم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بغداد ۽ اندلس جي علمي مرڪزن، درسگاهن ۽ مسلمان سائنسدانن فلڪيات، طب، رياضي، ڪيميا ۽ ٻين علمن ۾ تحقيق جون نيون راهون کوليون، مسلمانن جي اها علمي ترقي رڳو اتفاق ناهي پر قرآن ڪريم جي ان بنيادي دعوت سان جڙيل هئي جنهن ۾ انسان کي ڪائنات ۾ الله تعاليٰ جي نشانين جو مشاهدو، عقل جو استعمال ۽ غور فڪر ڪرڻ جي هر هر ترغيب ڏني وئي آهي. هن چيو ته اڄ ڪائنات جي ابتدا ۽ ان جا راز ڄاڻڻ لاءِ جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ جهڙي جديد سائنسي منصوبي انساني جستجو، تحقيق ۽ ڪائنات کي سمجهڻ جي ڪوشش جي علامت آهي، اسان کي سوچڻو پوندو ته اسان جون علمي ۽ سائنسي روايتون ڪٿي ڪمزور ٿيون ۽ اسان تحقيق ۽ دريافت جي ميدان ۾ پوئتي ڇو رهجي وياسين؟ هن چيو ته مسلمانن جي علمي ترقي ان قرآني مزاج سان جڙيل هئي. پر بدقسمتي سان اڄ اسان جي تهذيب مشاهدي، تحقيق، غور ويچار ۽ علمي جستجو جي انهن روايتن کان پوئتي رهجي وئي آهي. وفاقي وزير زور ڀريو ته وقت جي گهرج موجب ماضي تي رڳو فخر ڪرڻو ناهي پر پنهنجي عظيم علمي روايتن کي ٻيهر زندهه ڪرڻ آهي. علم، تحقيق، عقل ۽ تخليقي سوچ کي اجتماعي ترقي جو مرڪز بڻائڻ کان سواءِ ڪنهن به قوم پائيدار ترقي ناهي حاصل ڪئي. هن چيو ته اسان کي نئين نسل کي سوال ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ، مشاهدو ڪرڻ ۽ ڪائنات جا راز ڄاڻڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي ته جيئن مسلم دنيا ٻيهر علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري سگهي.











