ڪراچي-18 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ڪابينا جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ آبادگارن جي مدد ڪرڻ، خوراڪ جي تحفظ کي مضبوط ڪرڻ، عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ، توانائي جي ضابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، سيڪيورٽي انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ، صنعتي سيڙپڪاري کي ٻيهر زندهه ڪرڻ ۽ اداري جاتي حڪمراني (گورننس) کي سڌو …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس منعقد

مزید خبریں
ڪراچي-18 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ڪابينا جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ آبادگارن جي مدد ڪرڻ، خوراڪ جي تحفظ کي مضبوط ڪرڻ، عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ، توانائي جي ضابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، سيڪيورٽي انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ، صنعتي سيڙپڪاري کي ٻيهر زندهه ڪرڻ ۽ اداري جاتي حڪمراني (گورننس) کي سڌو سنئون چڱو بڻائڻ لاءِ وسيع پيماني تي قدمن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ڪابينا جي فيصلن تي بنا ڪنهن دير جي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، خاص طور تي اهي فيصلا جيڪي ڪڻڪ جي دستيابي، آبادگارن کي مدد، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، سيڪيورٽي رابطي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ سان لاڳاپيل آهن. هن چيو ته صوبائي حڪومت آبادگارن جي تحفظ، سستي قيمتن تي ضروري شين جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ، عوامي ادارن کي مضبوط ڪرڻ، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ڪابينا ڪڻڪ جي ذخيري جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ کيس آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ وٽ ڪل 4.84 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ دستياب آهي، جنهن ۾ 2026ع جي پيداوار جي 4.70 ملين ميٽرڪ ٽن ۽ اڳوڻي بچيل ذخيري جو 0.14 ملين ميٽرڪ ٽن شامل آهي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته منافعي خوري ۽ ذخيرو اندوزي جي خلاف انتظامي ڪاررواين سان ڪڻڪ جي دستيابي ۾ بهتري آئي آهي. لڪيل يا غير حسابي ڪڻڪ جا ذخيرو، جن جو ڪاٿو جولاءِ ۾ 1.18 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو هو، اهي آگسٽ جي اڌ تائين گهٽجي اٽڪل 0.70 ملين ميٽرڪ ٽن ٿي ويا آهن، جڏهن ته قانوني ڪاررواين دوران اٽڪل 0.19 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ حاصل ڪئي وئي آهي. چڪاس ڪندڙ ٽيمن 800 کان وڌيڪ جڳهين جا دورا ڪيا جتي غير پڌري يا ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جي ڪل ضبطگي 257,738 ٽن رپورٽ ٿي آهي. ڪابينا سنڌ جي مختلف جڳهين تي دستياب پاسڪو جي 223,455 ٽن ڪڻڪ 4,150 رپيا في 40 ڪلوگرام جي حساب سان خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا اٽي جي دستيابي کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي پڻ غور ڪيو. هن فعال فلور ملن لاءِ ڪڻڪ جو ذخيرو رکڻ جي حد کي پيسڻ جي صلاحيت جي هڪ مهيني مان وڌائي ٽي مهينا ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا وڌيڪ منظوري ڏني جيڪا ناڻي واري کاتي جي رضامندي ۽ سخت نگراني جي نظام سان مشروط آهي، ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن جي فلور ملن مان ضبط ڪيل 56,729 ٽن ڪڻڪ مقامي واهپي لاءِ اٽو تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي. ملن کي پابند ڪيو ويندو ته اهي اٽي جي اڳوڻي مل قيمت 112 رپيا في ڪلوگرام تي برقرار رکن ۽ مقرر ڪيل پيسڻ ۽ فراهمي جي طريقيڪار تي عمل ڪن. وڏي وزير فوڊ ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ذخيري اندوزي جي خلاف سخت نظر رکي وڃي، ڪڻڪ جي ذخيرن جي شفاف نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪڻڪ جي غير قانوني چرپر ۽ لڪائڻ جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪابينا عالمي سپلائي چين جي خرابين ۽ وڌيڪ مال برداري جي خرچن جي ڪري ربيع 27-2026ع جي سيزن لاءِ ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمتن ۾ امڪاني واڌ جو جائزو ورتو. تفصيلي غور وچار کانپوءِ ڪابينا 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ سبسڊي پيڪيج جي منظوري ڏني، ان سان گڏ نون هارين جي رجسٽريشن، لينڊ روينيو اختيارين ذريعي تصديق ۽ اڳ ۾ موجود رجسٽريشنن جي نئين سر توثيق جي منظوري پڻ ڏني وئي. رجسٽريشن ۽ تصديق لاءِ گهربل فنڊ پڻ منظور ڪيا ويا. وڏي وزير چيو ته حڪومت عالمي مارڪيٽ جي دٻاءُ کي ننڍن ۽ وچولي درجي جي آبادگارن تي ناجائز بار وجهڻ جي اجازت نه ڏيندي. اسان جي هارين کي عالمي مارڪيٽ جي جھٽڪن جو بار نه کڻڻ گهرجي. سنڌ حڪومت خوراڪ جي تحفظ کي محفوظ رکڻ ۽ زرعي پيداوار کي برقرار رکڻ لاءِ ننڍن ۽ وچولي درجي جي آبادگارن جي مدد جاري رکندي. وڏي وزير هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ صوبائي وزير محمد بخش خان مهر، ڄام خان شورو، خاص مددگار راڄوير سنگهه ۽ ذوالفقار شاهه شامل آهن، ڪميٽي ڊي اي پي سبسڊي ۽ ڪڻڪ جي امدادي قيمت بابت سفارشون ڪندي ۽ ايندڙ خريداري لاءِ طريقيڪار تيار ڪندي. ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي ته اها ايندڙ خريداري جي قيمت جا معيار طئي ڪري ۽ ٻن هفتن اندر پنهنجون سفارشون ڪابينا کي پيش ڪري. ڪابينا سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن لاءِ شرطن ۽ ضابطن جي منظوري ڏني، جنهن ۾ هڪ اضافي مدي لاءِ ٻيهر مقرري جي اهليت سان گڏ چار سال جو مدو شامل آهي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته سپرا پنهنجي قيام کان وٺي ريگيوليٽري فريم ورڪ، اداري جاتي صلاحيت، اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل رابطي ۽ ڊجيٽل سسٽم کي ترقي ڏيڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته هڪ اثرائتو ۽ آزاد ريگيوليٽري فريم ورڪ سنڌ جي توانائي واري شعبي لاءِ انتهائي ضروري آهي ۽ هن سپرا کي هدايت ڪئي ته اها سيڙپڪاري کي آسان بڻائي جڏهن ته ڪارائتي ۽ ڀروسي جوڳي بجلي جي خدمتن کي يقيني بڻائي. هن اها هدايت پڻ ڪئي ته سپرا جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي فراهم ڪيل سرڪاري گاڏيون برقي گاڏيون هجڻ گهرجن جيڪي حڪومت جي پاڪ – توانائي ۽ ماحولياتي مقصدن جي عين مطابق آهن. سول سرونٽس لاءِ ڪابينا هڪ اهڙي پاليسي جي منظوري ڏني جنهن تحت کليل مقابلي ذريعي اسپيشل پي اسڪيل جي عهدن لاءِ چونڊيل سول سرونٽس کي سرڪاري نوڪري تان استعيفيٰ ڏيڻ، وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ وٺڻ يا غير معمولي موڪل تي وڃڻ کان سواءِ انهن عهدن تي خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اجازت هوندي. هيءَ پاليسي سنڌ جي فريم ورڪ کي وفاقي حڪومت جي پاليسي سان هم آهنگ ڪري ٿي ۽ آفيسرن جي سروس جي تسلسل ۽ پينشن جي حقن جو تحفظ ڪري ٿي. وڏي وزير چيو ته ان فيصلي سان اهم سرڪاري عهدن تي تجربيڪار پيشيور ماهرن کي راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته اداري جاتي مهارت ۽ سروس جو تسلسل پڻ برقرار رهندو. ڪابينا پروونشل انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر جي هيڊ ڪوارٽر جي قيام جي منظوري ڏني جنهن ۾ هڪ جديد ترين ڊيٽا سينٽر، نرو سينٽر، اي آءِ هب ۽ اپ گريڊ ٿيل فليڊ ڪوآرڊينيشن روم شامل آهن. پروجيڪٽ جي فنڊنگ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 441.9 ملين رپيا منظور ڪيا ويا. ڪابينا پروجيڪٽ تي عملدرآمد لاءِ حڪومت کان حڪومت جي بنياد تي نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن کي شامل ڪرڻ لاءِ خريداري جي اصولن (پيپرا رولز) مان ڇوٽ جي پڻ منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته مضبوط ڪيل پيفٽيڪ سڄي سنڌ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ انٽيليجنس رابطي، خطرن جي ڪاٿي ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڏي پيماني تي بهتر بڻائيندو. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته سهولت جي وقت تي تڪميل ۽ امن امان لاڳو ڪندڙ ۽ انٽيليجنس ادارن وچ ۾ اثرائتي رابطي کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا ٻوڏ کان متاثر ضلعن ۾ اسٽار واش پروگرام جي عملدرآمد لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن ۽ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز وچ ۾ سروس ليول ايمينٽ جي مسودي جي منظوري ڏني. معاهدي تحت ايس پي ايڇ ايف 6 سالن لاءِ واش انفراسٽرڪچر جي رٿابندي، تعمير، آپريشن ۽ سار سنڀال ڪندي. پهريون مرحلو خيرپور، ڄامشورو، بدين ۽ نوشهرو فيروز کي ڍڪيندو، جنهن مان اٽڪل 1.2 کان 1.5 ملين ماڻهن کي فائدو پهچندو. ڪابينا ايس پي ايڇ ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر کي اختيار ڏنو ته هو لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي قراردادن جي منظوري کانپوءِ حصو وٺندڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن سان ايس ايل اي تي صحيحون ڪري. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واش جي قدمن کي ڪارائتي نموني لاڳو ڪيو وڃي ۽ پروگرام کي گهٽ سهولتن وارن ٻهراڙي جي علائقن ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت صفائي جي سهولتن تائين پائيدار پهچ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. ڪابينا مقامي ڪائونسل جي رضامندي سان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ پاران 193 ڪلوميٽر ڊگهي نئون ڪوٽ – مٺي – اسلام ڪوٽ – نگرپارڪر – چيلهار واٽر سپلائي سسٽم جي آپريشن ۽ سار سنڀال پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ جي منظوري ڏني. اهو فيصلو بلڪ ٽرانسميشن نيٽ ورڪ کي هلائڻ ۽ ان جي سار سنڀال لاءِ لاڳاپيل مقامي ڪائونسلن جي محدود ٽيڪنيڪل ۽ مالي صلاحيت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو. ڪابينا اصولي طور تي هڪ الڳ او اينڊ ايم الائونس ۽ سسٽم جي مڪمل آپريشنل صلاحيت کي بحال ڪرڻ لاءِ ضروري بحالي ۽ مرمت جي فنڊز فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير پي ايڇ اي ڊي کي هدايت ڪئي ته پائپ لائن، ذخيرن ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر جو جامع جائزو ورتو وڃي ۽ مٺي، چيلهار، اسلام ڪوٽ، نگرپارڪر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي منصفاڻي ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وڏي وزير لوڪل گورنمينٽ جي وزير ناصر شاهه جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي جيڪا نئون ڪوٽ، مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ چيلهار جي پاڻي جي گهرج جو جائزو وٺندي ته جيئن پاڻي جو بندوبست ان مطابق ڪري سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته ڪابينا جي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، جنهن ۾ خوراڪ جي تحفظ، آبادگارن جي مدد، پاڻي جي فراهمي، سيڪيورٽي رابطي ۽ سيڙپڪاري جي منصوبن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن ورجايو ته سنڌ حڪومت آبادگارن ۽ ٻهراڙي جي علائقن جي فلاح و بهبود کي ترجيح ڏين، ضروري عوامي خدمتن کي مضبوط ڪرڻ، سرڪاري ادارن کي جديد بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ۽ روزگار لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ جاري رکندي. وڏي وزير زور ڏنو ته ڪابينا جي منظورين کي زميني سطح تي نمايان بهتري ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ لاڳاپيل وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته اهي ذاتي طور تي عملدرآمد جي نگراني ڪن ۽ جتي گهربل هجي اڳڀرائي جون رپورٽون پيش ڪن.








