حيدرآباد -18 آگسٽ (اي پي پي) زرعي سائنسدانن ۽ ماحولياتي ماهرن سنڌ کي موسمياتي تبديليءَ جي وڌندڙ اثرن کان بچائڻ، گرين اڪانامي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مٽيءَ جي حياتياتي وائيو منڊل ( مٽيءَ جي جيوت)جي تحفظ لاءِ هنگامي بنيادن تي اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڀريندي عالمي سطح تي گلوبل سائنٽيفڪ ڪوآرڊينيشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، ماهرن مطالبو ڪيو آهي ته مٽيءَ ۾ موجود جيوت کي مفت ۾ موجود وسيلو سمجهڻ بدران …
سنڌ ۾ 61 سيڪڙو برساتون گهٽ پوڻ ڪري زمينون بنجر ٿيڻ لڳيون آهن: زرعي سائنسدان

مزید خبریں
حيدرآباد -18 آگسٽ (اي پي پي) زرعي سائنسدانن ۽ ماحولياتي ماهرن سنڌ کي موسمياتي تبديليءَ جي وڌندڙ اثرن کان بچائڻ، گرين اڪانامي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مٽيءَ جي حياتياتي وائيو منڊل ( مٽيءَ جي جيوت)جي تحفظ لاءِ هنگامي بنيادن تي اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڀريندي عالمي سطح تي گلوبل سائنٽيفڪ ڪوآرڊينيشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، ماهرن مطالبو ڪيو آهي ته مٽيءَ ۾ موجود جيوت کي مفت ۾ موجود وسيلو سمجهڻ بدران ان کي قدرتي سرمايو (نيچرل ڪيپيٽل) تسليم ڪيو وڃي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سنڌ زرعي سائنس سوسائٽي پاران، وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي صدارت هيٺ “سوائل کان سوسائٽي تائين” جي عنوان سان هڪ خاص سيمينار ۽ ليڪچر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ماهرن سنڌ ۾ تبديل ٿيندڙ موسمي حالتن، مٽيءَ جي صحت، حياتياتي تنوع ۽ زرعي معيشت کي درپيش خطرن تي تفصيلي روشني وڌي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ جون جاگرافيائي ۽ ماحولياتي حالتون تيزيءَ سان خشڪ بياباني علائقي (ايرڊ زون) ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، هن انڪشاف ڪيو ته هلندڙ سال جولاءِ مھيني دوران سنڌ ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 61 سيڪڙو گهٽ برساتون رڪارڊ ٿيون آهن، جيڪا زراعت، آبي وسيلن ۽ مٽيءَ جي صحت لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي، هن چيو ته مٽيءَ جي صحت ۽ حياتياتي جيوت کي رڳو زرعي مسئلو سمجهڻ بدران ان کي معيشت، روزگار ۽ مجموعي قومي پيداوار جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته مٽيءَ جي زرخيزي ۾ گهٽتائي سڌيءَ ريت زرعي پيداوار، آبادگارن جي آمدني ۽ غذائي تحفظ کي متاثر ڪري ٿي، ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ سائنسي تحقيق، خاص طور تي پي ايڇ ڊي جي تحقيقي مقالن کي عام فهم ۽ مقامي ٻولين ۾ منتقل ڪرڻ گهرجي، ته جيئن تحقيق جا فائدا ليبارٽرين ۽ لائبريرين تائين محدود نه رهن، پر عام آبادگار تائين پهچن ۽ هو جديد سائنسي ڄاڻ مان فائدو وٺي پنهنجن فصلن جي پيداوار ۽ آمدني ۾ اضافو ڪري سگهن. هن چيو ته موجوده دور ڊجيٽل زراعت جو آهي، تنهن ڪري آبادگارن کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل پليٽ فارمن، بروقت موسمي ڄاڻ ۽ جديد پيداواري طريقن کان آگاهه ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي سوائل فرٽيلٽي انسٽيٽيوٽ ٽنڊوڄام جي پرنسپل سائنسدان ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حفيظ الله ٻٻر چيو ته ڌرتيءَ جي مجموعي حياتياتي جيوت جو 25 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو مٽيءَ جي هيٺان موجود آهي، جڏهن ته سائنس اڃا تائين مٽيءَ ۾ موجود هڪ سيڪڙو کان به گهٽ مائڪرو آرگنزمز کي دريافت ڪري سگهي آهي، سنڌ جي صورتحال تي روشني وجهندي ڊاڪٽر حفيظ الله ٻٻر ٻڌايو ته صوبي جي لڳ ڀڳ 62 سيڪڙو ايراضي، بنجر يا محدود طور پوکي جي قابل آهي، جڏهن ته تقريباً 61 سيڪڙو سوائل سم، لوڻياٺ ۽ ٻين سببن جي اثر هيٺ آهي، هن ورلڊ بئنڪ جي حوالي سان ٻڌايو ته قدرتي وسيلن جي نقصان ۽ ماحولياتي تباهي سبب سنڌ کي هر سال پنهنجي GDP جي 4 کان 6 سيڪڙو جي برابر معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو، جنهن مان لڳ ڀڳ 46 سيڪڙو نقصان زرعي فصلن کي پهچي ٿو، ڊاڪٽر حفيظ الله ٻٻر حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مٽيءَ جي حياتياتي جيوت جي تحفظ ۽ تحقيق لاءِ فوري طور “نيشنل سوائل بائيو ڊائيورسٽي مشن” ۽ “نيشنل سوائل مائڪرو بائيووم ائٽلس” قائم ڪيا وڃن، جڏهن ته مختلف زرعي علائقن ۾ “لوِنگ سوائل ليبارٽريز” قائم ڪيون وڃن، هن زور ڀريو ته گڏيل قومن جي پائيدار ترقيءَ جي هدفن جي حاصلات لاءِ مٽيءَ جي صحت ۽ ان جي حياتياتي نظام جي تحفظ کي قومي پاليسين جو بنيادي حصو بڻايو وڃي، تقريب کي فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي ڊين ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، سنڌ زرعي سائنس سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي ۽ ڊاڪٽر محمد يعقوب ڪونڌر پڻ خطاب ڪيو ۽ مٽيءَ جي تحفظ، سائنسي تحقيق ۽ موسمياتي تبديليءَ سان ٺھڪندڙ زرعي نظام جي ضرورت تي روشني وڌي، سيمينار ۾ يونيورسٽي جي استادن، زرعي تحقيق سان لاڳاپيل ماهرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي مناسبت سان گڏجي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.








