اسلام آباد-16آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خاران ضلعي ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب صدر چيو آهي ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي تباهي ۽ وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مواد ۽ هٿيار ملڻ اهم ڪاميابي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پرڏيهي سر …
صدر آصف علي زرداري پاران خاران ضلعي ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين
اسلام آباد-16آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خاران ضلعي ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب صدر چيو آهي ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي تباهي ۽ وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مواد ۽ هٿيار ملڻ اهم ڪاميابي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پرڏيهي سر پرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروايون قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.











