لاڙڪاڻو- 16 آگسٽ (اي پي پي) ربيع الاول جي بابرڪت مهيني جي آمد سان لاڙڪاڻي شهر کي عقيدت ۽ محبت جي رنگن سان سينگاريو ويو آھي. سڄي شهر ۾ جشن آمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جون تياريون مڪمل جوش سان جاري آهن. دڙي ٽائون جي چيئرمين شاهه رخ انور خان سيال جي خاص هدايتن تي سڄي شهر ۾ وڏي پيماني تي لائيٽنگ ۽ سينگار جو ڪم جاري …
ربيع الاول جي بابرڪت مهيني جي آمد سان لاڙڪاڻي شهر کي عقيدت ۽ محبت جي رنگن سان سينگاريو ويو
لاڙڪاڻو- 16 آگسٽ (اي پي پي) ربيع الاول جي بابرڪت مهيني جي آمد سان لاڙڪاڻي شهر کي عقيدت ۽ محبت جي رنگن سان سينگاريو ويو آھي. سڄي شهر ۾ جشن آمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جون تياريون مڪمل جوش سان جاري آهن. دڙي ٽائون جي چيئرمين شاهه رخ انور خان سيال جي خاص هدايتن تي سڄي شهر ۾ وڏي پيماني تي لائيٽنگ ۽ سينگار جو ڪم جاري آهي. سندس هدايت تي ميونسپل عملي جون ٽيمون ڏينهن رات مصروف آهن. چوڪن، چوراهن، مکيه روڊن، مسجدن، گهٽين ۽ محلن ۾ رنگ برنگي بتيون لڳايون ويون آھن ته جيئن 12 ربيع الاول جو ڏينهن مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي. شاهه رخ انور خان سيال چيو ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جن جي آمد سڄي ڪائنات لاءِ رحمت جو پيغام آهي. دڙي ٽائون انتظاميه جي پهرين ترجيح آهي ته لاڙڪاڻي جي هر ڪنڊ کي هن بابرڪت موقعي تي روشن ڪيو وڃي ته جيئن شهرين کي روحاني ماحول ميسر ٿي سگهي. هن چيو ته دڙي ٽائون هميشه ديني روايتن جي احترام ۽ عوامي ڀلائي کي پنهنجي پهرين ترجيح سمجهي ٿو. ان سلسلي ۾ سڀني انتظامن کي جلد ۽ معياري انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. شهرين دڙي ٽائون جي چيئرمين جي انهن ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سندس قيادت ۾ شهر ۾ مذهبي ڏهاڙا ملھائڻ جو بهترين انتظام ڪيو پيو وڃي.











