اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي ضلع خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ردالفتنه 3 تحت سيڪيورٽي فورسز خاران جي علائقي لجي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان …
بلوچستان جي ضلع خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا
اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي ضلع خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ردالفتنه 3 تحت سيڪيورٽي فورسز خاران جي علائقي لجي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان جديد هٿيار، وڏي مقدار ۾ گولا بارود، ۽ ٻيو جنگي سامان، 2 گاڏيون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي فورسز آپريشن دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي به مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگرد خاران ۽ لجي ۾ ڦرلٽ، ڀته خوري، ڀُنگ لاءِ اغوا، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ آپگهاتي حملن جي منصوبابندي ۾ ملوث هئا. سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ آپريشن رد الفتنه 3 تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪارروائيون جو سلسلو جاري رکيو آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين انهن جو پيڇو جاري رهندو، ۽ کين منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا.











