گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا جي 24 وادين ۾ 286 اڳواٽ خبردار ڪرڻ واري نظام جي لڳائڻ جا منصوبا

اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 3 ڪروڙ 70 لک ڊالر ماليت جي گلوف- ٽو منصوبي تحت گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا جي 24 حساس وادين ۾ 286 اڳواٽ خبردار ڪندڙ نظام لڳائي رهيو آهي ته جيئن برفاني ندين جي ڦاٽڻ سان ايندڙ ٻوڏ ۽ ٻين موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي تياري جو منصوبو ٺاهي سگهجي. ويلٿ پاڪستان کي مليل هڪ سرڪاري دستاويز موجب موسمياتي تبديلي ۽ …

اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 3 ڪروڙ 70 لک ڊالر ماليت جي گلوف- ٽو منصوبي تحت گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا جي 24 حساس وادين ۾ 286 اڳواٽ خبردار ڪندڙ نظام لڳائي رهيو آهي ته جيئن برفاني ندين جي ڦاٽڻ سان ايندڙ ٻوڏ ۽ ٻين موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي تياري جو منصوبو ٺاهي سگهجي. ويلٿ پاڪستان کي مليل هڪ سرڪاري دستاويز موجب موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وزارت اڳواٽ خبردار ڪندڙ نظام، گلوف جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽گليشيئرز جي تحفظ لاءِ ڪيترائي قدم شروع ڪيا آهن. گلوف- ٽو منصوبي ۾ شامل 24 وادين مان 18 گلگت بلتستان ۽ 6 خيبر پختونخوا ۾ واقع آهن. دستاويز موجب منصوبي جي مجموعي لاڳت 3 ڪروڙ 70 لک ڊالر آهي. وزارت پاران کنيل قدمن ۾ گلوف- ٽو تحت لڳايل اڳواٽ خبردار ڪندڙ نظام کي فعال ڪري پاڪستان ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ جي حوالي ڪرڻ به شامل آهي. گلوف ٽو کان علاوه سسٽين ايبل ايڪشن فار ايڪو سسٽم ريسٽوريشن ان پاڪستان منصوبي تحت به 5 اڳواٽ خبردار ڪندڙ نظام شامل آهن جن مان 4 گلگت بلتستان ۽ هڪ خيبر پختونخوا ۾ آهي. دستاويز موجب انهن نظامن جي لاڳت 18 لک 60 هزار ڊالر آهي جڏهن ته سيفر منصوبي جي مجموعي لاڳت هڪ ڪروڙ ڊالر آهي. ڪي پي ڪي ۾ بونير ۽ شانگلا منصوبي تحت وڌيڪ 2 اڳواٽ خبردار ڪندڙ نظام شامل آهن جن مان هڪ بونير ۽ هڪ شانگلا ۾ قائم ڪيو ويندو. انهن نظامن جي لاڳت 4 لک 50 هزار ڊالر ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته پوري منصوبي جي مجموعي لاڳت 90 لک ڊالر آهي. ٻئي پاسي نيشنل ايڊاپٽيشن پلان منصوبي تحت سڄي ملڪ ۾ لڳل سمورن اڳواٽ خبردار ڪندڙ نظامن جو جائزو به ورتو ويندو.