قوالي جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان جي ورسي ملهائي وئي

اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي)سرن جي شهنشاهه قوالي ۽ بي تاج بادشاهه ۽ موسيقي جي دنيا جي روشن ستاري استاد نصرت فتح علي خان جي ورسي 16 آگسٽ تي ملهائي وئي. استاد نصرت فتح علي خان 13 آڪٽوبر 1948ع تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو هو، هن موسيقي جي شروعاتي تعليم پنهنجي استاد مبارڪ علي خان کان حاصل ڪري قوالي جي دنيا ۾ پنهنجو منفرد مقام ٺاهيو. نصرت …

اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي)سرن جي شهنشاهه قوالي ۽ بي تاج بادشاهه ۽ موسيقي جي دنيا جي روشن ستاري استاد نصرت فتح علي خان جي ورسي 16 آگسٽ تي ملهائي وئي. استاد نصرت فتح علي خان 13 آڪٽوبر 1948ع تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو هو، هن موسيقي جي شروعاتي تعليم پنهنجي استاد مبارڪ علي خان کان حاصل ڪري قوالي جي دنيا ۾ پنهنجو منفرد مقام ٺاهيو. نصرت فتح علي خان جي ڳايل دم مست قلندر ۽ علي علي جهڙين قوالين سڄي دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪئي ۽ هن صوفياڻي ڪلام کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ هڪ نئون ۽ منفرد انداز اختيار ڪيو. 1971ع ۾ ڳايل ”حق علي علي“ قوالي سبب استاد نصرت فتح علي خان تمام گهڻي شهريت حاصل ڪئي. پهرين عوامي پذير کان پوءِ هن هڪ هزار کان وڌيڪ قواليون، 125 المبز رليز ڪيا. استاد نصرت فتح علي خان گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو پڻ درج ڪرائي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ بڻجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. استاد نصرت فتح علي خان 16 آگسٽ 1997ع تي لنڊن ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو ۽ کيس فيصل آباد ۾ دفن ڪيو ويو. استاد نصرت فتح علي خان جي ورسي جي موقعي تي کيس سندس لازوال خدمتن جي اعتراف ۾ ڀرپور خراج عقيد پيش ڪيو ويو.