حيدرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران جشن آزادي جي جاري تقريبن ۾ قومي گيتن جو مقابلو ۽ آزادي جي موضوع تي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو. مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاڪستان جي آزادي تحريڪ متعلق اسٽيج ڊرامي ۾ ڪردار ادا ڪيا. جڏھن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي نغما ڳائي داد حاصل ڪيو. مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه …
مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو پاران جشن آزادي جي جاري تقريبن ۾ قومي گيتن جو مقابلو ۽ آزادي جي موضوع تي اسٽيج ڊرامو پيش

مزید خبریں
حيدرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران جشن آزادي جي جاري تقريبن ۾ قومي گيتن جو مقابلو ۽ آزادي جي موضوع تي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو. مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاڪستان جي آزادي تحريڪ متعلق اسٽيج ڊرامي ۾ ڪردار ادا ڪيا. جڏھن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي نغما ڳائي داد حاصل ڪيو. مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي، مھراڻ يونيورسٽي ڊبيٽنگ ۽ ڊراميٽڪ سوسائٽي جي عھديدارن شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته يونيورسٽين اندر اھڙن مقابلن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ موجود صلاحيتن ۽ فن ۾ نکار اچي ٿو. پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته وطن عزيز لاءِ وڏڙن جي ڏنل قربانين کي ياد ڪري خراج پيش ڪري اسان جو نوجوان نسل پنھنجي ملڪي تاريخ کان باخبر بڻجي رھيو آھي. شاگردن بھترين ڊرامو پيش ڪيو ۽ قومي گيت ڳايا آھن.










