ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي سيپا جي ڊائريڪٽر جنرل عاشق لانگاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ موسمياتي تبديليءَ جي وڌندڙ اثرن کي نظر ۾ رکندي وڏي پيماني تي وڻڪاري وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي سهڪار سان هِل پارڪ ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم دوران ٻوٽو لڳائڻ جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته …
موسمياتي تبديليءَ جي وڌندڙ اثرن کي نظر ۾ رکندي وڏي پيماني تي وڻڪاري وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي: ڊي جي سيپا عاشق لانگاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي سيپا جي ڊائريڪٽر جنرل عاشق لانگاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ موسمياتي تبديليءَ جي وڌندڙ اثرن کي نظر ۾ رکندي وڏي پيماني تي وڻڪاري وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي سهڪار سان هِل پارڪ ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم دوران ٻوٽو لڳائڻ جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته شهر ۾ ساوڪ وڌائڻ هاڻي رڳو خوبصورتي يا پسند جو معاملو نه، پر ماحولياتي بقا جي ضرورت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته وڻ شهري گرمي پد ۾ گهٽتائي، فضائي گدلاڻ جي خاتمي، ڪاربان جي نيڪال کي جذب ڪرڻ ۽ ماحولياتي توازن برقرار رکڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. سيڪريٽري ماحوليات فيصل عقيلي چيو ته تيزيءَ سان وڌندڙ شهري علائقن ۽ وڌندڙ گرميءَ سبب ڪراچي ۾ گرين ڪور ۾ اضافو اڻٽر آهي. سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي ماحول جي تحفظ ۽ شهرين کي صاف، صحتمند ۽ بهتر ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته انهن سرگرمين جو مقصد شهرين، سول سوسائٽي، ماحولياتي تنظيمن، شاگردن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي وڻڪاري جي فروغ لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ آهي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي صاف، سرسبز ۽ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ سمورن ممڪن قدمن جي حمايت جاري رکي ويندي. ان مقصد لاءِ خانگي شعبي، غير سرڪاري تنظيمن ۽ شهرين جو سهڪار پڻ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته اڄ لڳايل هر وڻ ايندڙ نسلن لاءِ صحتمند ۽ محفوظ ماحول جي بنياد آهي. وڻڪاري کي رڳو هڪ ڏينهن جي سرگرمي بدران مستقل ماحولياتي ذميواري طور اختيار ڪرڻو پوندو. مهم جي انتظام سنڀاليندڙن شهرين کي اپيل ڪئي ته ڪراچي کي ٻيهر سرسبز بڻائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جو حصو بڻجن. ان موقعي تي ”اڄ ٻوٽو لڳايو، سڀاڻي جو تحفظ ڪريو ۽ سرسبز ورثو ڇڏي وڃو“ جو پيغام پڻ ڏنو ويو. مهم ۾ گرين ليگيسي الائنس جي وفد، ”ٽري مين آف پاڪستان“ شهروز سراج، گرين هينڊز آف پاڪستان جي صدر عبدالباسط سميت سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي آفيسرن ۽ ماحولياتي سرگرمين سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










