اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرفي لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، گڏيل وزارتي ڪميشن ٻنهي ملڪن جي ترجيحن جي تعين، اڳڀرائي جي جائزي ۽ تعاون کي اسٽريٽجڪ رُخ ڏيڻ جو موثر پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن اربع تي پاڪستان بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس کي خطاب …
پاڪستان، بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرفي لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي: ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرفي لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، گڏيل وزارتي ڪميشن ٻنهي ملڪن جي ترجيحن جي تعين، اڳڀرائي جي جائزي ۽ تعاون کي اسٽريٽجڪ رُخ ڏيڻ جو موثر پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن اربع تي پاڪستان بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بيلاورس جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام، برابري ۽ گڏيل خوشحالي جي عزم تي قائم آهن، عالمي اقتصادي منظرنامي ۾ تيزي سان تبديلي اچي رهي آهي، ٻه طرفي شراڪتداري کي عملي ۽ نتيجو ڏيندڙ تعاون ۾ بدلائڻو پوندو. هن چيو ته تعاون جا حقيقي فائدا ڪاروباري برادري، هنرمند ماڻهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام تائين پهچڻ گهرجن. اجلاس ۾ ٿيل ڳالهيون پائيدار ۽ مستقبل تي ٻڌل پاڪستان بيلاروس شراڪتداري ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي. وفاقي وزير چيو ته مستقل رابطا ۽ اڳڀرائي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته ليبر ۽ انساني وسيلن جا شعبا پاڪستان ۽ بيلاروس تعاون جو اهم حصو بڻجي چڪا آهن، هنرمند ماڻهن جي چرپر وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏني ويندي. ڄام ڪمال خان چيو ته زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي پاڪستان بيلاروس تعاون جو اهم ٿنڀ آهن، زراعي ٽيڪنالاجي، ٻج، پيداوار ۾ بهتري ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ تعاون سان ٻه طرفي واپار ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، وفاقي وزير چيو ته جي ايم سي جي نتيجن کي خير سالي جي عملي اقتصادي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستان ۽ بيلاروس گڏيل اعتماد ۽ تعميري جذبي سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبطو بڻائيندا. تقريب کي خطاب ڪندي بيلاروس جي توانائي واري وزير دزيانس ماروز، نائين پاڪستان بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ۾ چيو ته اڄ جي گڏيل وزارتي ڪميشن ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي رابطن کي وڌيڪ اڳيان وڌائڻ لاءِ اهم بنياد فراهم ڪندي. پاڪسان ۽ بيلاروس جي قيادت وچ ۾ رابطا انتهائي دوستاڻا ۽ اعليٰ سطح تي قائم آهن. بيلا روس جي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرفي تعاون کي اڳيان وڌائڻ جي مرڪزي ۽ موثر پليٽ فارم آهي. گڏيل وزارتي ڪميشن ذريعي مختلف شعبن ۾ رابطا، اڳڀرائي ۽ عملي تعاون کي مسلسل هٿي ملي رهي آهي. هن چيو ته زراعت، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ ماهرن جي سطح تي باقاعده ورڪنگ گروپس ۽ اجلاس اهم نتيجا ڏئي رهيا آهن، ماهرن جي سطح تي مسلسل ۽ هدف تي ٻڌل رابطن سان مختلف شعبن ۾ ٺوس نتيجا حاصل ٿيا آهن. ليبر ۽ افرادي سگهه جي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ٻنهي ملڪن جي منظم ۽ مسلسل ڪوششن جو نتيجو آهي. بيلاروس جي توانائي واري وزير چيو ته زراعت جي شعبي ۾ گڏيل تعاون سان به هاڪاري ۽ عملي نتيجا حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا اڃا به وسيع امڪان موجود آهن. ٻئي ملڪ گڏيل ڪوششن ذريعي ٻه طرفي تعاون ۾ وڌيڪ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪندا.










