چين جي مقامي طور تيار ڪيل سي- 919 جهاز جي پهرين عالمي واپاري اڏام مڪمل

بيجنگ- 12 آگسٽ (اي پي پي) چين جي مقامي طور تيار ڪيل وڏي مسافر جهاز سي-919 اربع کان پنهنجي عالمي واپاري اڏام مڪمل ڪندي منگوليا جي گادي واري هنڌ اولان باتر ۾ حفاظت سان لينڊنگ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيجنگ کان روانو ٿيل اڏام جي اولان باتر آمد سان ئي سي-919 لاءِ پهرين عالمي واپاري فضائي روٽ جي شروعات ٿي وئي آهي. سي-919 جهاز جي واپاري آپريشن ۾ شامل ٿيڻ …

بيجنگ- 12 آگسٽ (اي پي پي) چين جي مقامي طور تيار ڪيل وڏي مسافر جهاز سي-919 اربع کان پنهنجي عالمي واپاري اڏام مڪمل ڪندي منگوليا جي گادي واري هنڌ اولان باتر ۾ حفاظت سان لينڊنگ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيجنگ کان روانو ٿيل اڏام جي اولان باتر آمد سان ئي سي-919 لاءِ پهرين عالمي واپاري فضائي روٽ جي شروعات ٿي وئي آهي. سي-919 جهاز جي واپاري آپريشن ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ هي ان جي پهرين عالمي واپاري اڏام آهي، جيڪا چين جي مقامي جهاز سازي جي صنعت لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏني پئي وڃي. هي جهاز چيني ڪمپني ڪمرشل ايئر ڪرافٽ ڪارپوريشن آف چائنا تيار ڪيو آهي. ٻن انجڻن واري هن جهاز جي ڊيگهه 127.6 فوٽ، پرن جي ويڪر 117.5 فوٽ، جهاز جي اوچائي 39.32 فوٽ، جهاز جي ڪيبن جي ويڪر 12.8 فوٽ، ڪيبن جي اوچائي 7.38 فوٽ، مسافرن جي گنجائش 156 کان 192 تائين آهي. هي جهاز هڪ ڀيرو ٻارڻ ڀرڻ کان پوءِ چار هزار کان ساڍا پنج هزار ڪلوميٽرن تائين اڏام ڪري سگهندو. جهاز وڌ کان وڌ 20 هزار 400 ڪلوگرام وزن کڻي سگهندو.

مزید خبریں