نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بيلاروس جي توانائي واري وزير جي ملاقات

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ بيلاروس جي توانائي واري وزير ڊينس ماروز ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن لاڳاپن کي مثبت فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي اسلام آباد جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز  شريف جي منسڪ جي دورن کي ياد ڪيو. ٻنهي طرفن …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ بيلاروس جي توانائي واري وزير ڊينس ماروز ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن لاڳاپن کي مثبت فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي اسلام آباد جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز  شريف جي منسڪ جي دورن کي ياد ڪيو. ٻنهي طرفن ان رفتار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ اعلى سطحي رابطن کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پاران ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ خاص طور تي واپار، صنعت، زراعت ۽ رابطي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌندڙ رفتار کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ اداراجاتي طريقيڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي.

مزید خبریں