تعليم، ٽيڪنالاجي، راندين، ڪاروبار ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ اسان جا نوجوان پنهنجون صلاحيون مڃرائي رهيا آهن: ڊاڪٽر  طارق فضل چوڌري

اسلام آباد _12 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاڪستاني نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جو نوجوان نسل پنهنجي محنت، قابليت ۽ عزم سان ملڪ جي مستقبل کي نيون اميدون ڏئي رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته نوجوان صرف مستقبل جا وارث نه …

اسلام آباد _12 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاڪستاني نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جو نوجوان نسل پنهنجي محنت، قابليت ۽ عزم سان ملڪ جي مستقبل کي نيون اميدون ڏئي رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته نوجوان صرف مستقبل جا وارث نه پر اڄ جي پاڪستان جي تعمير ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن . تعليم، تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ اسان جا نوجوان پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيا آهن  اسان کي پنهنجي نوجوان نسل تي مڪمل اعتماد آهي، جيڪڏهن کين درست رهنمائي، معياري تعليم، جديد هنر ۽ اڳتي وڌڻ جا برابر جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي نوجوان پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي نئين بلندين تائين وٺي وڃي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان سڀني جي ذميواري آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي مثبت رستو ڏيون، سندن خوابن کي موقعن ۾ بدلائيون ۽ کين ترقي جي سفر جو حقيقي حصيدار بڻايون.

مزید خبریں