هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي چين جي نانجنگ يونيورسٽي آف ايروناٽڪس اينڊ ايسٽروناٽڪس جي پروفيسر لداشين ۽ صنعتي شعبي جي فيلو مسٽر يويونگ پنگ سان اعليٰ سطحي ملاقات

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) چيئرمين ڊاڪٽر نياز احمد، تحقيق، ترقي ۽ جدت بابت صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي ناصر سان گڏ چين جي نانجنگ يونيورسٽي آف ايروناٽڪس اينڊ ايسٽروناٽڪس جي پروفيسر لِداشين ۽ صنعتي شعبي جي فيلو مسٽر يويونگ پنگ سان اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ جدت، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت ۽ يونيورسٽي وچ ۾ رابطن کي …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) چيئرمين ڊاڪٽر نياز احمد، تحقيق، ترقي ۽ جدت بابت صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي ناصر سان گڏ چين جي نانجنگ يونيورسٽي آف ايروناٽڪس اينڊ ايسٽروناٽڪس جي پروفيسر لِداشين ۽ صنعتي شعبي جي فيلو مسٽر يويونگ پنگ سان اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ جدت، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت ۽ يونيورسٽي وچ ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڇ اي سي چيئرمين، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعليمي ۽ تحقيقي تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ گڏيل ڀائيواري ذريعي شاگردن، استادن ۽ محققين لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي اجاگر ڪئي. ملاقات تحقيق ۽ ترقي جي شعبي ۾ گڏيل قدمن، علم ۽ ٽيڪنالاجي جي مٽا سٽا ۽ صنعت جي ضرورتن سان هم آهنگ اعليٰ تعليمي پروگرامن جي فروغ سان لاڳاپيل معاملا به غور هيٺ آيا.

مزید خبریں