پاڪستان جي نوجوان آبادي ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت ۽ ترقي جو اهم ذريعو آهي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر

ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوان آبادي ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت ۽ ترقي جو اهم ذريعو آهي. هن چيو ته نوجوانن کي معياري تعليم، روزگار ۽ اڳتي وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. نوجوانن جي صلاحيتن کي قومي ترقي …

ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوان آبادي ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت ۽ ترقي جو اهم ذريعو آهي. هن چيو ته نوجوانن کي معياري تعليم، روزگار ۽ اڳتي وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. نوجوانن جي صلاحيتن کي قومي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ سان پاڪستان وڌيڪ مضبوط ٿيندو.سيد اويس قادر شاهه چيو ته نوجوان جديد ٽيڪنالاجي ۽ هنر سان پاڻ کي ليس ڪري ملڪي معيشت ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪن. نوجوان مثبت سوچ ۽ تعميري ڪردار ذريعي پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي بنيادن کي وڌيڪ مضبوط بڻائين.اسپيڪر چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ اصل ۾ پاڪستان جي مستقبل کي مضبوط بڻائڻ آهي.

مزید خبریں