نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران بحيره احمر ۾ واپاري جهاز تي حملي تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحيره احمر ۾ واپاري جهاز تي حملي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي اربع ڏينهن جاري بيان موجب نائب وزيراعظم چيو ته مون کي بحيره احمر ۾ هڪ واپاري جهاز تي حملي جي افسوسناڪ واقعي جي اطلاع تي گهري ڳڻتي آهي. هن چيو ته هيستائين …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحيره احمر ۾ واپاري جهاز تي حملي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي اربع ڏينهن جاري بيان موجب نائب وزيراعظم چيو ته مون کي بحيره احمر ۾ هڪ واپاري جهاز تي حملي جي افسوسناڪ واقعي جي اطلاع تي گهري ڳڻتي آهي. هن چيو ته هيستائين دستياب معلومات موجب ان واقعي ۾ ٽي پاڪستاني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي. هن چيو ته اسان سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ غيرجنگي واپاري جهاز تي حوثين جي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو، اهڙي طرح جا حملا بيگناهه انساني جانين کي خطري ۾ وجهن ٿا، عالمي قانون جي خلاف ورزي ۽ بحيره احمر ۾ جهاز راني جي آزادي، سامونڊي سلامتي ۽ واپاري جهاز راني جي تحفظ جي لاءِ سنگين خطرو آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان واقعي جي وڌيڪ تفصيل ۽ ان جي پٺيان حالتون معلوم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل سعودي عملدارن ۽ يمن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. نائب وزيراعظم چيو ته مون رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته اهو فوري طور تي لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪري ۽ مارجي ويل پاڪستاني شهرين جي ميتن جي واپسي ۽ وطن منتقلي جي لاءِ سمورا ضروري قدم موثر انداز ۾ اڳتي وڌائي جڏهن ته زخمي پاڪستاني شهري کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته اسان صورتحال تي گهري نظر رکي آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل ويجهي رابطي ۾ رهنداسين.

مزید خبریں