اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سومر ڏينهن پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف الوداعي ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سفير خضر فرهادوف جي خدمتن ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن سفير جي مستقبل جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف جي الوداعي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سومر ڏينهن پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف الوداعي ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سفير خضر فرهادوف جي خدمتن ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن سفير جي مستقبل جي منصب جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ پرڏيهي وزير جيهون بائراموف جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ ذاتي خيرسگالي جا جذبا پهچايا. سفير خضر فرهادوف پنهنجي سفارتي مدي دوران تعاون ۽ حمايت تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا ادا ڪيا. هن خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان جي ساراهه جوڳي ڪوششن کي ساراهيو.










