اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قوم کي جمعي ڏينهن 7 آگسٽ 2026ع تي بابرڪت شهر مڪه مڪرمه ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ “مڪه گڏيل دفاعي معاهدي” (مڪه معاهدي) تي صحيحون ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اهو تاريخي معاهدو اسان جي ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل قدرن ۽ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل عزم …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران قوم کي مڪه معاهدي تي صحيحن تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قوم کي جمعي ڏينهن 7 آگسٽ 2026ع تي بابرڪت شهر مڪه مڪرمه ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ “مڪه گڏيل دفاعي معاهدي” (مڪه معاهدي) تي صحيحون ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اهو تاريخي معاهدو اسان جي ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل قدرن ۽ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل عزم جي گهرائي جو عڪاس آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن جي حوالي سان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مڪه معاهدي تي صحيحون پاڪستان جي سعودي عرب ۽ ترڪيه سان پراڻي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. اهو معاهدو اسان جي خطي کي درپيش امن ۽ سلامتي جي بدلجندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي اسان جي گڏيل عزم جو مظهر آهي. هن چيو ته آئون ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪرڻ چاهيان ٿو ته مڪه معاهدو دفاعي نوعيت رکندڙ آهي. اهو ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه آهي. ان جو مقصد ٻاهرئين جارحيت جي خلاف گڏيل قوت کي مضبوط بڻائڻ ۽ پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ عوام جي دفاع جي صلاحيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي. مڪه معاهدي تحت ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي هٿياربند حملي کي سمورن ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت انفرادي ۽ گڏيل دفاع جي فطري حق سان هم آهنگ آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل، خودمختياري ۽ عالمي قانون جي احترام ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ بدستور پُرعزم آهي. هن چيو ته مڪه معاهدو ٽڪراءُ جو ذريعو نه آهي پر طاقت، يڪجهتي ۽ گڏيل احترام جي ذريعي امن جي لاءِ اسان جي گڏيل عزم جو اظهار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ان تاريخي مڪه معاهدي کي عملي جامعو پارائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ ۽ سعودي عرب ۽ ترڪيه سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قيادت ۽ ويزن ساراهه جوڳي آهي.










