اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته دستور ساز اسيمبلي جو قصام پاڪستان جي قومي ۽ پارلياماني تاريخ جو هڪ تاريخي سنگ ميل هو، جنهن ملڪ ۾ آئيني، جهموري ۽ پارلياماني نظام جو مضبوط بنياد رکيو. هن چيو ته پارلياماني جهموريت پاڪستان رياست جي اساس آهي، جنهن جو واضع ثبوت اهو آهي ته پاڪستان جي پارليامينٽ 10 آگسٽ تي وجود …
آئين جو آئين عوامي خوشحالي جي ضمانت آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته دستور ساز اسيمبلي جو قصام پاڪستان جي قومي ۽ پارلياماني تاريخ جو هڪ تاريخي سنگ ميل هو، جنهن ملڪ ۾ آئيني، جهموري ۽ پارلياماني نظام جو مضبوط بنياد رکيو. هن چيو ته پارلياماني جهموريت پاڪستان رياست جي اساس آهي، جنهن جو واضع ثبوت اهو آهي ته پاڪستان جي پارليامينٽ 10 آگسٽ تي وجود ۾ آئي، جڏهن ته مملڪت پاڪستان جو قيام انهي پارلياماينٽ ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي ٿيو. هن چيو ته آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ پارلياماني روايتن کي هٿي ڏيڻ، قومي يڪجهتي، ملڪي استحڪام، پائيدار ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي ضمانت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دستور ساز اسيمبلي جي قيام جي 79 هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته 10 آگسٽ 1947ع تي ڪراچي ۾ منعقد ٿيل دستور ساز اسيمبلي جو پهريون اجلاس پاڪستان جي بانين جي جهموري ويزن جي عملي تعبير هو، جنهن آئين سازي، قانون سازي ۽ پارلياماني نظام جو بنياد رکي هڪ جديد جهموري رياست جوڙڻ جي راهه هموار ڪئي. هن چيو ته اهو تاريخي ڏينهن اسان کي آئيني ادارن جي احترام، جهموري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي نمائندن جي تقدس کي مضبوط بنائڻ جي عزم جي تجديد فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته رياستي ادارن ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نوجوان نسل کي پاڪستان جي آئيني ارتقا، پارلياماني تاريخ ۽ جهموري روايتن سان روشناس ڪرڻ ضروري آهي. اسپيڪر اياز صادق چيو ته پارليامينٽ عوام جي خواهشن جو ترجمان ادارو آهي، جيڪو اثرائتي، وقت سر ۽ عوام دوست قانون سازي ذريعي عوام کي درپيش مسئلن جو حل يقيني بڻائي ٿو. هن چيو ته موجوده پارليامينٽ قانونسازي وڌيڪ اثترائتي بڻائڻ ۽ پارلياماني ڪارروائي ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اثرائتي قانون سازي شفافيت طرز حڪمراني ۽ مضبوط جهموري ادارا هڪ مستحڪم، پُر امن ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد آهن. پارليامينٽ ان قومي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون آئيني ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪندي رهندي.










