پاڪستان زنده آباد موومينٽ قومي يڪجهتي ۽ پاڪ فوج جي حمايت لاءِ سرگرم آهي: رضوان قريشي

حيدرآباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان زنده آباد موومينٽ جي مرڪزي چيئرمين رضوان احمد قريشي چيو آهي ته تنظيم سڄي ملڪ ۾ قومي يڪجهتي، حب الوطني ۽ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ملڪ جي دفاع لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن. اھڙو اظھار ھن ٽنڊوآدم ۾ تنظيم جي آفيس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. ان …

حيدرآباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان زنده آباد موومينٽ جي مرڪزي چيئرمين رضوان احمد قريشي چيو آهي ته تنظيم سڄي ملڪ ۾ قومي يڪجهتي، حب الوطني ۽ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ملڪ جي دفاع لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن. اھڙو اظھار ھن ٽنڊوآدم ۾ تنظيم جي آفيس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ميجر صوبيدار علي نواز، طاهر رستماڻي، رئيس زاهد حسين مري، علي شير ڏاهري، خالد ڏاهري، زبير احمد غوري ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا. هن چيو ته پاڪستان زنده آباد موومينٽ گذريل 10 سالن کان قومي اتحاد کي هٿي وٺرائڻ ۽ لساني، علائقائي توڙي ٻين تعصبن جي خاتمي لاءِ سرگرم آهي. تنظيم جون سرگرميون سنڌ سان گڏ پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين وڌايون پيون وڃن. هن چيو ته پهرين آگسٽ کان جشن آزادي جي تقريبن جو آغاز ڪيو ويو آهي ۽ مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته آزادي الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، جنهن کي قومي جذبي سان ملهائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تنظيم عوامي مسئلن، ميرٽ ۽ ڪرپشن خلاف به آواز اٿاري رهي آهي، جڏهن ته ملڪ کي ضرورت پوڻ تي پاڪستان زنده آباد موومينٽ پاڪ فوج ۽ ٻين فورسز سان گڏ بيٺل ھوندي.