پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي: پي ڊي ايم اي ترجمان

لاهور- 10 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي. پي ڊي ايم اي ترجمان مطابق چناب درياهه، جهلم، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول جي سطح تي آهي، جڏهن ته ڊيره غازي خان جي واهن ۾ به پاڻي جو وهڪرو معمول موپجب آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ ۽ تونسه وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ ڪالاباغ 2 لک 78 …

لاهور- 10 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي. پي ڊي ايم اي ترجمان مطابق چناب درياهه، جهلم، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول جي سطح تي آهي، جڏهن ته ڊيره غازي خان جي واهن ۾ به پاڻي جو وهڪرو معمول موپجب آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ ۽ تونسه وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ ڪالاباغ 2 لک 78 هزار ۽ تونسه ۾ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 30 هزار ڪيوسڪ آهي. ناله پلڪو ۽ ناله هڪ ۾ به هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي محمد سيف چيو آهي ته پنجاب حڪومت طرفان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. فلڊ رليف ڪيمپن ۾ سموريون بنيادي سهولتون ۽ دوائون فراهم ڪيون وينديون. ڊي جي، شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي اپاءَ اختيار ڪيا وڃن. درياهن، ڍنڍن ۽ واهن طرف تفريح کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ٻارن جو خاص خيال رکيو وڃي.