واشنگٽن- 10 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته وائيٽ هائوس جو موجوده اسٽاف سيڪريٽري ول شارف پهرين سيپٽمبر کان اسسٽنٽ ٽو دي پريزيڊنٽ ۽ وائيٽ هائوس ڪونسل جون ذميواريون سنڀاليندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميديا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ول شارف وائيٽ هائوس اسٽاف سيڪريٽري جي حيثيت سان شاندار خدمتوم سر انجام ڏنيون آهن ۽ …
آمريڪي صدر ول شارف کي نئون اسسٽنٽ ٽو دي پريزيڊنٽ ۽ وائيٽ هائوس ڪونسل مقرر ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
واشنگٽن- 10 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته وائيٽ هائوس جو موجوده اسٽاف سيڪريٽري ول شارف پهرين سيپٽمبر کان اسسٽنٽ ٽو دي پريزيڊنٽ ۽ وائيٽ هائوس ڪونسل جون ذميواريون سنڀاليندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميديا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ول شارف وائيٽ هائوس اسٽاف سيڪريٽري جي حيثيت سان شاندار خدمتوم سر انجام ڏنيون آهن ۽ هو نيشنل ڪيپيٽل پلاننگ ڪميشن جي چيئرمين طور تي به خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب شارف 40 ڪروڙ ڊالر جي وائيٽ هائوس بال روم منصوبي جي منظوري جي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. واشنگٽن ڊي سي جي هڪ وفاقي اپيل عدالت تازو ئي ان منصوبي کي غير قانوني قرار ڏنو آهي، جڏهن ته اهو معاملو جلد ئي آمريڪي سپريم ڪورٽ تائين پهچي سگهي ٿو. ڊونلڊ ٽرمپ ٻڌايو ته شارف ان کان اڳ وفاقي پراسيڪيوٽر طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي، نجي شعبي ۾ وڪيل طور ڪم ڪيو ۽ ٻن وفاقي اپيل عدالتن جي ججن لاءِ ڪلرڪ طور به خدمتون انجام ڏنيون آهن.










