سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل رابطا وڌيڪ مؤثر بڻائين، اڳواٽ حفاظتي ۽ ريسپانس قدمن تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائين: احسن اقبال

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال هدايت ڪئي آهي ته سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل رابطا وڌيڪ مؤثر بڻائين، اڳواٽ حفاظتي ۽ ريسپانس قدمن تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائين. جمعي ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۾ ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽيءَ جو 12هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال هدايت ڪئي آهي ته سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل رابطا وڌيڪ مؤثر بڻائين، اڳواٽ حفاظتي ۽ ريسپانس قدمن تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائين. جمعي ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۾ ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽيءَ جو 12هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي صورتحال، درياهن ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن ۽ ڊيمن جي صورتحال سميت موسمي اڳڪٿين، تيارين ۽ مربوط ريسپانس جو جائزو ورتو ويو. پروفيسر احسن اقبال وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين سميت پي ڊي ايم اي، موسميات کاتي ۽ لاڳاپيل وفاقي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صوبائي عملدارن ريسڪيو سويلين، هنگامي ذخيرن، نيڪال جي منصوبن، ضلعي انتظاميه سان رابطن ۽ متاثر ضلعن ۾ تيارين جي حوالي کان آگاهه ڪيو . اجلاس ۾ وقت سر وارننگز جاري ٿيڻ، امدادي وسيلن جي اڳواٽ دستيابي، مواصلاتي نظام کي بنا رنڊڪ فعال رکڻ ۽ سمورن ريسپانس ادارن جي مڪمل تياري يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو ويو. احسن اقبال هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل رابطن کي وڌيڪ مؤثر ۽ اڳواٽ حفاظتي ۽ ريسپانس قدمن تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائين.

مزید خبریں