صدر آصف علي زرداري سان سوئيڊن جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير احمد امجد علي جي ملاقات، نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪون

اسلام آباد - 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي، پائيدار ٽيڪنالاجيز، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو آهي، هن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني رابطن ۽ اعلى سطحي قيادت جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. صدر سان جمعي ڏينهن …

اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي، پائيدار ٽيڪنالاجيز، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو آهي، هن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني رابطن ۽ اعلى سطحي قيادت جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. صدر سان جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ سوئيڊن جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير احمد امجد علي ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري احمد امجد علي کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ گهڻ رخي تعاون، عالمي قانونن تي ٻڌل نظام، انساني حقن ۽ جمهوريت جي حوالي سان هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان سوئيڊن کي هڪ اهم اقتصادي ۽ واپاري حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته سوئيڊن يورپي يونين، گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن جو هڪ اهم ميمبر آهي جنهن سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ پاڪستان جي لاءِ اهم آهي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن سالن ۾ ٻطرفي واپار ۾ ٿيندڙ اضافي جو ذڪر ڪندي نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته هو تعليمي مٽاسٽا، گڏيل  تحقيقي منصوبن ۽ اداراجاتي حصيداري تحت فني تربيت جا موقعا ڳولي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير سوئيڊن ۾ رهندڙ هزارين پاڪستانين سان ويجهور ابطو رکندو جيڪي سوئيڊن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ گڏوگڏ پاڪستان جي مثبت تشخص ۽ خيرسگالي جي فروغ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

مزید خبریں