لاهور - 07 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي مسلمان امت جي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ فيصلائتي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ساجده فاروق تارڙ چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي تعاون مسلمان دنيا …
پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جو دفاعي معاهدو مسلمان امت جي اتحاد جو اظهار آهي: ساجده فاروق تارڙ

مزید خبریں
لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي مسلمان امت جي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ فيصلائتي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ساجده فاروق تارڙ چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي تعاون مسلمان دنيا جي اتحاد، گڏيل سلامتي ۽ گڏيل اعتماد جي فروغ طرف اهم قدم آهي، ٽن ڀائر اسلامي ملڪن جو هڪ گڏيل دفاعي معاهدي تحت گڏ ٿيڻ پوري مسلمان امت جي لاءِ اطمينان جوڳي ۽ خوش آئنده ڳالهه آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مسلمان دنيا جي اتحاد ۽ گڏيل سلامتي جي لاءِ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن اڳواڻن جي گڏيل ڪوششن سان مسلمان امت کي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مضبوط پيغام مليو آهي. ساجده فاروق تارڙ وڌيڪ چيو ته مڪه مڪرمه جي مقدس سرزمين تان دنيا کي اهو واضح پيغام مليو آهي ته مسلمان دنيا پنهنجي گڏيل مفادن، سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ جي لاءِ متحد آهي، مڪه مڪرمه جي ڇانوَ هيٺ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جهڙي وڏي معاشي، عسڪري ۽ سياسي قوتن جو گڏ ٿيڻ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ تاريخي لمحو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي ۽ ترڪ قيادت سان گڏجي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان سدائين مسلمان دنيا جي اتحاد، گڏيل سلامتي ۽ گڏيل تعاون جو علمبردار رهيو آهي ۽ اڳتي به اهڙن قدمن جي حمايت جاري رکندو. ساجده فاروق تارڙ چيو ته پاڪستان سدائين اهڙن قدمن جي آجيان ڪري ٿو جيڪي مسلمان دنيا جي اتحاد، گڏيل سلامتي، خودمختياري ۽ گڏيل اعتماد کي مضبوط بڻائين، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون نه رڳو ٽنهي ڀائر ملڪن پر پوري مسلمان امت جي لاءِ اميد، يڪجهتي ۽ مضبوط مستقبل جي علامت آهي.










