“هڪ الله، هڪ رسول ﷺ، هڪ قرآن، هڪ ڪلمو، هڪ قبلو، هڪ سڃاڻپ” پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب گڏيل دفاعي معاهدي جي موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران خصوصي نغمو جاري

اسلام آباد - 07 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان حڪومت پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي موقعي تي خصوصي نغمو جاري ڪري ڇڏيو. نغمي جا ٻول “هڪ الله، هڪ رسول ﷺ، هڪ قرآن، هڪ ڪلمو، هڪ قبلو، هڪ سڃاڻپ” ٽنهي ملڪن جي گڏيل ديني ۽ تهذيبي ورثي جي ترجماني ڪن ٿا. ان خصوصي نغمي ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ …

اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان حڪومت پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي موقعي تي خصوصي نغمو جاري ڪري ڇڏيو. نغمي جا ٻول “هڪ الله، هڪ رسول ﷺ، هڪ قرآن، هڪ ڪلمو، هڪ قبلو، هڪ سڃاڻپ” ٽنهي ملڪن جي گڏيل ديني ۽ تهذيبي ورثي جي ترجماني ڪن ٿا. ان خصوصي نغمي ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ دفاعي لاڳاپن، گڏيل تعاون، ڀائيچاري ۽ گڏيل دفاعي عزم کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي. نغمي جي وڊيو ۾ خانه ڪعبه ۽ قرآن پاڪ جي روح پرور منظرن سان گڏوگڏ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي قيادت، وزيراعظم محمد شهباز شريف جون سعودي عرب ۽ ترڪ قيادت سان ملاقاتون، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جا قومي جهنڊا، پاڪ فوج جا دستا پڻ ڏيکاريا ويا آهن جيڪي ٽنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي چ ۾ ڀائيچاري، گڏيل اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تيار ڪيل ان نغمي ۾ ٽنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي پراڻي لاڳاپن، مسلمان امت جي اتحاد، امن، استحڪام ۽ گڏيل ويزن جي عڪاسي، اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ گڏيل اعتماد جي مضبوط رشتي کي نمايان ڪيو ويو آهي. نغمي جي ذريعي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب اخوت، ايمان ۽ گڏيل تعاون جي مضبوط رشتي ۾ متحد رهندا.

مزید خبریں