مڪه المڪرمه - 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي دعا ڪئي آهي ته حرمين شريفين جي ڇانوَ هيٺ طئي ٿيندڙ هي تاريخي معاهدو ايندڙ نسلن جي لاءِ امن ۽ استحڪام جي ڍال ثابت ٿئي ۽ ٽنهي ڀائر ملڪن سان گڏوگڏ پوري مسلمان امت جي لاءِ ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي جو …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
مڪه المڪرمه – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي دعا ڪئي آهي ته حرمين شريفين جي ڇانوَ هيٺ طئي ٿيندڙ هي تاريخي معاهدو ايندڙ نسلن جي لاءِ امن ۽ استحڪام جي ڍال ثابت ٿئي ۽ ٽنهي ڀائر ملڪن سان گڏوگڏ پوري مسلمان امت جي لاءِ ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي جو ذريعو بڻجي. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته کيس پنهنجي عزيز ڀاءُ، سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. هن دعا ڪئي ته ٽئي ڀائر اسلامي ملڪ جيڪي ايمان، اخوت ۽ امن ۽ سلامتي جي گڏيل عزم ۾ متحد آهن، جي وچ ۾ حرمين شريفين جي ڇانوَ هيٺ طئي ٿيندڙ هي تاريخي معاهدو ايندڙ نسلن جي لاءِ امن ۽ استحڪام جي ڍال ثابت ٿئي ۽ اسان جي ٽنهي ڀائر ملڪن سان گڏوگڏ پوري مسلمان امت جي لاءِ ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي جو سبب بڻجي. وزيراعظم چيو ته هو خاص طور تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا دل سان ٿورا ادا ڪري ٿو جنهن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ غيرمعمولي لڳاءُ ان عظيم مقصد جي تڪميل ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو.










