اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي روڊ ميپ جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ صنعتي ترقيءَ کي تيز ڪرڻ ۽ پاڪستان جي روانگي واپار وڌائڻ لاءِ خاص ڪري ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي شعبي کي مضبوط بنائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اجلاس …
جديد معاشي ماڊلز کي هٿي وٺرائڻ، ايس ايم ايز ۽ صنعتي شعبي لاءِ لاڳت تي ٻَڌل رعايتن جي دائري ڪار ۾ واڌ لاءِ صنعت ۽ پيداوار جي روڊ ميپ تي اهم اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي روڊ ميپ جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ صنعتي ترقيءَ کي تيز ڪرڻ ۽ پاڪستان جي روانگي واپار وڌائڻ لاءِ خاص ڪري ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي شعبي کي مضبوط بنائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ عملدارن وفاقي وزير کي وزارت جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ، جاري قدمن ۽ صنعتي شعبي جي چٽاڀيٽي واري صلاحيت وڌائڻ لاءِ تجويز ڪيل پاليسي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ بنيادي توجهه ايس ايم ايز کي سهولت فراهم ڪرڻ تي رهي ته جيئن هو روانگي واپار جي مارڪيٽن تائين وڌيڪ مؤثر انداز ۾ رسائي حاصل ڪري سگهن ۽ قومي معيشت ۾ پنهنجو وڌيڪ ڪردار ادا ڪري سگهن. اجلاس دوران وفاقي وزير احد چيما ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مُدي خارج تحفظاتي معاشي پاليسين تي دارومدار بدران جديد معاشي ماڊلز ۽ پاليسين کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت هڪ ملڪي ضرورتن ۽ قومي ترجيحن سان هم آهنگ هوم گرون معاشي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد معاشي استحڪام سان پائيدار ترقيءَ کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته معاشي منصوبا بنديءَ ۾ نظم و ضبط، پاليسين جي تسلسل، وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ ڊگهي مُدي جي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته ايس ايم ايز ۽ وڏا صنعتي ادارا لاڳيتو جديد معاشي ماڊلز اختيار ڪري رهيا آهن ته جيئن پنهنجي سگهه ۽ چٽاڀيٽي واري صلاحيت ۾ واڌارو ڪري سگهن ۽ حڪومت ان عمل ۾ مؤثر ريگيوليٽري فريم ورڪ، مالياتي سهولتن تائين بهتر رسائي ۽ ادارا جاتي معاونت فراهم ڪري انهن جي ڀرپور سرپرستي ڪندي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صنعتي شعبي لاءِ منافعي تي ٻَڌل رعايتن بدران لاڳت تي ٻَڌل رعايتن کي ترجيح ڏيندي. هن ان عزم کي ورجايو ته حڪومت اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ايس ايم ايز جي پيداواري ۽ روانگي واپار واري صلاحيت وڌائڻ لاءِ مربوط قدم جاري رکندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت خصوصي اقتصادي زونز جي واڌ بدران ايس ايم ايز جي لاڳت تي ٻَڌل سهولتون فراهم ڪرڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري آسانيون ۽ هدفي رعايتن ذريعي ايس ايم ايز کي ترقي، چٽاڀيٽي ۽ روانگي واپار ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته روانگي واپار تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختلف شعبن لاءِ مخصوص صنعتي پاليسيون حتمي مرحلي ۾ آهن ته جيئن صنعتي پيداوار، چٽاڀيٽي واري صلاحيت ۽ ڪاروباري ماحول کي هٿي ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ موجود وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان اجلاس کي آگاهه ڪيو ته چين ۽ ٻيون عالمي ڪمپنيون پاڪستان جي ايس ايم ايز ۽ وڏن صنعتن ادارن سان ڀائيواريءَ ۾ وڌندڙ دلچسپيءَ جو اظهار ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته حڪومت اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ۽ ٻين ادارا جاتي پليٽ فارمز ذريعي غير ملڪي سيڙپڪاريءَ کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ عالمي حصيداريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.










