ٽه ڌري معاهدي سان پاڪ فوج جي وقار ۾ واڌ، معاشي ۽ واپاري تعاون وڌندو: عبدالعليم خان

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي گڏيل دفاعي معاهدي کي هڪ تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير کي مبارڪون ڏنيون آهن. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته هي عالمي معاهدو خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته سعودي …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي گڏيل دفاعي معاهدي کي هڪ تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير کي مبارڪون ڏنيون آهن. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته هي عالمي معاهدو خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي قيادت ان ڪاميابيءَ تي مبارڪن جا حقدار آهن. عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته اهڙين ڪوششن سان مسلم ملڪن وچ ۾ اتحاد ۽ يگانيت وڌندي، جنهن سان گڏيل معاهدا مضبوط ٿيندا ۽ پاڪ فوج جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو. هن زور ڀريو ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو عالمي سطح تي اعتراف هر پاڪستانيءَ لاءِ فخر جوڳو آهي. وفاقي وزير موجب هي معاهدو صرف دفاع تائين محدود نه رهندو پر ٽنهي ملڪن وچ ۾ واپار، معيشت ۽ ملڪي تعاون کي هٿي وٺرائڻ جو سبب بڻجندو.

مزید خبریں