اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جي اڳواڻيءَ ۾ زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي پوري قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته هي تاريخي گڏيل دفاعي معاهدو پاڪستان جي ڪاميابي سفارتڪاري ۽ مؤثر پرڏيهي پاليسي جو هڪ …
وزيراعظم جي مدبراڻي قيادت ۾ ڀائر اسلامي ملڪن سان اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي ملي آهي: محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جي اڳواڻيءَ ۾ زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي پوري قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته هي تاريخي گڏيل دفاعي معاهدو پاڪستان جي ڪاميابي سفارتڪاري ۽ مؤثر پرڏيهي پاليسي جو هڪ ٻيو شاندار سنگِ ميل آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي مدبراڻي قيادت ۾ ڀائر اسلامي ملڪن سان اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي ملي آهي. محمد حنيف عباسي ان معاهدي کي مسلم اُمت جي اتحاد ۽ گڏيل سلامتي جي مضبوط علامت قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته اها اڳڀرائي پاڪستان جي عالمي وقار، دفاعي صلاحيت ۽ ڪامياب سفارتڪاريءَ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي ۽ هن ان تاريخي ڪاميابيءَ تي پوري پاڪستاني قوم کي دلي واڌايون پيش ڪندي ان کي پاڪستان جي روشن مستقبل جو پيغام قرار ڏنو. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪن سان اتحاد، گڏيل دفاع، علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪندو رهندو.










