سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪي پي ڪي ۾ دهشتگرديءَ خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سڄي قوم کي واڌايون ڏيندي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي.پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري، جرئت ۽ پيشاوراڻي مهارت سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جون بهادر هٿياربند فوجون …

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سڄي قوم کي واڌايون ڏيندي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي.پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري، جرئت ۽ پيشاوراڻي مهارت سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جون بهادر هٿياربند فوجون پوري قوم جو فخر آهن ۽ قوم پنهنجي هٿياربند فوجن ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته وطنِ عزيز جي امن، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جهڙيون ناهن. هن چيو ته ڀارتي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي پيشاوراڻي صلاحيتن، بهادري ۽ جرئت کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي.

مزید خبریں