وفاقي سرڪاري ملازمن جو 75 سيڪڙو سروس رڪارڊ ڊجيٽلائيز

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت انساني وسيلن جي انتظام کي جديد بڻائڻ ۽ ڪاغذي رڪارڊ تي دارومدار گهٽائڻ لاءِ 4 آڪيوپيشنل گروپس سان لاڳاپو رکندڙ وفاقي سول سرونٽس جي اٽڪل 75 سيڪڙو سروس رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪري ڇڏيو آهي. ويلٿ پاڪستان کي مليل ۽ ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت سينيٽ جي استينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيل سرڪاري دستاويزن مطابق اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هيومن ريسورس مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (ايڇ آر …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت انساني وسيلن جي انتظام کي جديد بڻائڻ ۽ ڪاغذي رڪارڊ تي دارومدار گهٽائڻ لاءِ 4 آڪيوپيشنل گروپس سان لاڳاپو رکندڙ وفاقي سول سرونٽس جي اٽڪل 75 سيڪڙو سروس رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪري ڇڏيو آهي. ويلٿ پاڪستان کي مليل ۽ ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت سينيٽ جي استينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيل سرڪاري دستاويزن مطابق اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هيومن ريسورس مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (ايڇ آر ايم آءِ ايس) ذريعي ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي . دستاويزن مطابق ايڇ آر ايم آءِ ايس هڪ مرڪزي ڊجيٽل پليٽ فارم آهي، جنهن تي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (پي اي ايس) پوليس سروس آف پاڪستان (پي ايس پي)، آفيس مينيجمينٽ گروپ (او ايم جي) ۽ سيڪريٽريٽ گروپ (ايس جي ) سان تعلق رکندڙ آفيسرن جو سروس رڪارڊ محفوظ ڪيو پيو وڃي. بريفنگ مطابق اٽڪل 75 سيڪڙو سروس رڪارد جي ڊيٽا اڳ ئي ايڇ آر ايم آءِ ايس ۾ شامل ڪئي وئي آهي ، جڏهن ته باقي رڪارڊ کي ترجيحي بنيادن تي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي . دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رڪارڊ جي تصديق، درستگي ۽ تڪميل لاءِ جامع جاچ جو عمل به جاري رکيو آهي ته جيئن نظام ۾ موجود سموري معلومات مستند، مڪمل ۽ درست هجي. ڊجيٽل پليٽ فارم ۾ آفيسرن جي ذاتي معلومات، مقرريون، سينارٽي، تعليمي قابليت ، تربيتي رڪارڊ ، موڪلن جو رڪارڊ، پرفامنس ايويليوئيشن رپورٽس (پي اي آرز ) ۽ ٻي سروس بابت معلومات شامل آهي . آفيسرن کي پنهنجي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ ۽ ضروري درستگي لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي سهولت به فراهم ڪئي وئي آهي جنهن جي تصديق بعد نظام جو حصو بڻايو ويندو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته موجود رڪارڊ جي ڊيٽا انٽري ۽ تصديق مڪمل ٿيڻ ويجهو آهي، ته جيئن اهو نظام حڪومت لاءِ انساني وسيلن جي انتظام لاءِ فائديمند ۽ مرڪزي ذريعو بڻجي سگهي. ان قدم سان وفاقي حڪومت ۾ انتظامي ڪارڪردگي، شفافيت، ڊيٽا جي درستگي ۽ شاهدين جي بنياد تي فيصلي سازي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملڻ جي اميد آهي.

مزید خبریں