ٽي ڊي اي پي پاران دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ 17 آگسٽ تائين درخواستون طلب

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته دبئي ۾ 6 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش بيوٽي ورلڊ مڊل ايسٽ ۾ شرڪت لاءِ 17 آگسٽ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش دبئي ۾ 6 کان 8 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، نمائش ۾ اسڪن ڪيئر، ڪاسميٽڪس، پرفيوم، باڊي ڪيئر سان واڳيل ماڻهو پنهنجي …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته دبئي ۾ 6 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش بيوٽي ورلڊ مڊل ايسٽ ۾ شرڪت لاءِ 17 آگسٽ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش دبئي ۾ 6 کان 8 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، نمائش ۾ اسڪن ڪيئر، ڪاسميٽڪس، پرفيوم، باڊي ڪيئر سان واڳيل ماڻهو پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.

مزید خبریں