اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1700 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 28 هزار 436 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1 هزار 700 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 28 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1457 رپين …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1700 رپين جي واڌ رڪارڊ، في تولو سون 4 لک 28 هزار 436 رپين جو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1700 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 28 هزار 436 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1 هزار 700 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 28 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1457 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 66 هزار 572 رپين مان وڌي 3 لک 67 هزار 314 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 35 هزار 381 رپين مان وڌي 3 لک 36 هزار 716 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 54 رپين جي واڌ کانپوءِ 6291 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 46 رپين جي واڌ کانپوءِ 5393 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4043 ڊالرز مان وڌي 4060 ڊالرز ٿي وئي.









