پاڪستان هاڪي فيڊريشن گراس روٽ ليول تي هاڪي راند کي هٿي ڏيڻ لاءِ شروع ڪيل قومي مهم تحت اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن بين الصوبائي رابطن بابت وزارت(آءِ پي سي ) ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) جي سهڪار سان گراس روٽ ليول تي هاڪي راند کي هٿي ڏيڻ لاءِ شروع ڪيل قومي مهم تحت اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.سڄي ملڪ مان 441 اسڪول هاڻي تائين نيشنل هاڪي پورٽل تي رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. تعليمي ادارن جي ڀرپور شرڪت سان ملڪ …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن بين الصوبائي رابطن بابت وزارت(آءِ پي سي ) ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) جي سهڪار سان گراس روٽ ليول تي هاڪي راند کي هٿي ڏيڻ لاءِ شروع ڪيل قومي مهم تحت اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.سڄي ملڪ مان 441 اسڪول هاڻي تائين نيشنل هاڪي پورٽل تي رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. تعليمي ادارن جي ڀرپور شرڪت سان ملڪ ۾ قومي راند جي بحالي ۽ گراس روٽ ليول تي شاگردن کي منظم سهولت فراهم ڪرڻ جي جديد ڪوششن کي تمام گهڻي مشهوري ملي آهي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي اميد آهي ته ان اڳڀرائي جي نتيجي ۾ ايندڙ 2 هفتن اندر رجسٽرڊ اسڪولن جو انگ 1000 تائين پهچي ويندو. پاڪستان هاڪي فيڊريشن سمورن اسڪولن جي انتطاميه، استادن، والدين ۽ صوبائي اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار تي سندن شڪيو ادا ڪري ٿي. قومي راند جي ان تاريخي بحالي مهم ۾ وڌيڪ تعليمي ادارن جي شموليت جي منتظر آهي.

مزید خبریں