عالمي ريڪارڊ بعد جوش ڪير مداحن جون به دليون کٽي ورتيون، دولت مشترڪه جي راندين ۾ اسڪاٽ لينڊ جو هيرو بڻجي ويو

گلاسگو- 03 آگسٽ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي راندين ۾ هڪ ميل جي ڊوڙ ۾ ٽامي جو تمغو ۽ عالمي رڪارڊ قائم ڪندڙ اسڪاٽ لينڊ جي اسٽار ايٿليٽ جوش ڪير شاندار ڪاميابي کانپوءِ مداحن سان ڀرپور انداز ۾ ملاقات ڪري سڀني جي ڌيان جو مرڪز رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب 28 سالن جي ايٿليٽ جوش ڪير گلاسگو ۾ هر ڪنهن سان سيلفي ٺاهي آٽو گراف ڏنا ۽ نوجوان ايٿليٽس جي …

گلاسگو- 03 آگسٽ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي راندين ۾ هڪ ميل جي ڊوڙ ۾ ٽامي جو تمغو ۽ عالمي رڪارڊ قائم ڪندڙ اسڪاٽ لينڊ جي اسٽار ايٿليٽ جوش ڪير شاندار ڪاميابي کانپوءِ مداحن سان ڀرپور انداز ۾ ملاقات ڪري سڀني جي ڌيان جو مرڪز رهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب 28 سالن جي ايٿليٽ جوش ڪير گلاسگو ۾ هر ڪنهن سان سيلفي ٺاهي آٽو گراف ڏنا ۽ نوجوان ايٿليٽس جي حوصله افزائي ڪئي. سندس چوڻ هيو ته هو ٻارن کي يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته اسڪاٽ لينڊ سان تعلق رکندڙ هر نوجوان عالمي سطح تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. جوش ڪير ٽي منٽ 42.66 سيڪنڊن ۾ هڪ ميل جي ڊوڙ مڪمل ڪري نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو هيو جڏهن ته دولت مشترڪه جي راندين ۾ به ٽامي جو تمغو کٽي پنهنجي ڪاميابين ۾ هڪ وڌيڪ اعزاز جو اضافو ڪيو. تمغو وصول ڪرڻ جي تقريب دوران قومي تراني تي جذباتي ٿيندڙ جوش ڪير چيو ته اسڪاٽ لينڊ سندس سڃاڻپ ۽ فخر آهي. هن اڳوڻي وزير اعظم رانديگر سرڪرس هوئي ۽ سر اينڊي مري کي پنهنجو آئيڊيل قرار ڏيندي چيو ته هو به نئين نسل لاءِ اميد ۽ حوصلي جي علامت بڻجڻ چاهين ٿا.

مزید خبریں