اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته وڪيل برادري هميشه قانون جي بالادستيءَ کي يقيني بنائڻ ۽ جمهوري قدرن ۽ اصولن جي مضبوطيءَ لاءِ فعال ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ تجربيڪار ماڻهن کي ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو آهي ته جيئن قانونسازيءَ جي مسودي جي معيار …
وڪيلن قانون جي بالادستي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۾ هميشه مُک ڪردار ادا ڪيو: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته وڪيل برادري هميشه قانون جي بالادستيءَ کي يقيني بنائڻ ۽ جمهوري قدرن ۽ اصولن جي مضبوطيءَ لاءِ فعال ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ تجربيڪار ماڻهن کي ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو آهي ته جيئن قانونسازيءَ جي مسودي جي معيار کي وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر بڻائي سگهجي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ٽنڊوالهيار جي وڪيلن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان صوبائي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ڪئپٽن (ر) عبدالخالق خان اچڪزئي پڻ موجود هو. ملاقات دوران وڪيل برادري اسپيڪر کي قانوني برادري جي ميمبرن کي پنهنجي پيشيوراڻي ذميدارين جي ادائگيءَ ۾ درپيش مسئلن ۽ چئلنجز کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پيشيوراڻي ترقي، فلاح ۽ بهبود ۽ قانوني برادريءَ جي مجموعي مفادن بابت معاملن به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته وڪيلن جمهوري ادارن جي مضبوط ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن پارليامينٽ ۽ قانوني برادريءَ وچ ۾ ويجهي سهڪار جي ضرورت تي وڌيڪ زور ڀريو. وفد ملڪ جي پارلياماني ادارن کي مضبوط بنائڻ ۽ قانوني برادريءَ سان گڏ وڌ کان وڌ رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اسپيڪر جي ڪوششن کي ساراهيو. اسپيڪر وفد کي خاطري ڪرائي ته ملاقات دوران اُٿاريل مسئلن تي غور ڪيو ويندو ۽ مناسب طريقي سان حل ڪيو ويندو. وفد ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري سيد شهزاد شاهه سميت آصف علي ابڙو جوائنٽ سيڪريٽري هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد، اياز حسين رند جنرل سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو ۽ ضمير حسين خاصخيلي لائبريري سيڪريٽريٽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٽنڊوالهيار شامل هئا.










