اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تازين چونڊن ۾ عوام مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگيءَ تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پ پ طرفان ڌانڌليءَ جا الزام بي بنياد ۽ غير جمهوري رويي جي عڪاسي ڪن ٿا. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان گڏ …
آزاد ڪشمير جي عوام (ن) ليگ جي ڪارڪردگي تي اعتماد ڪيو، ڌانڌلي جا الزام بي بنياد آهن: وفاقي وزير احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تازين چونڊن ۾ عوام مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگيءَ تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پ پ طرفان ڌانڌليءَ جا الزام بي بنياد ۽ غير جمهوري رويي جي عڪاسي ڪن ٿا. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته چونڊ مقابلو هڪ طرف پ پ ۽ ٻي طرف پنجاب ۾ (ن) ليگ جي نمايان ڪارڪردگي وچ ۾ هو، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪشميري عوام (ن) ليگ جي حق ۾ فيصلو ڏنو. هن چيو ته رات 9 وڳي تائين پ پ طرفان ڪنهن به قسم جي شڪايت سامهون نه آئي، جڏهن چونڊ نتيجا سامهون آيا ۽ شڪست کانپوءِ بوکلاهٽ ۾ ڌانڌليءَ جا الزام لڳجڻ لڳا جيڪا نه صرف چونڊ عمل پر ووٽ ڏيندڙ عوام جي توهين به آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن پ پ گلگت بلتستان ۾ چونڊون کٽي ٿي ته اهي چونڊون شفاف قرار ڏين ٿا پر آزاد ڪشمير ۾ شڪست کانپوءِ کين چونڊن کي ڌانڌلي چوڻ کُليل تضاد تي ٻَڌل سياست آهي. احسن اقبال، پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيانن کي ٻاراڻو قرار ڏيندي چيو ته کيس به اها ئي جمهوري روايت اختيار ڪرڻ گهربي هئي، جنهن جو مثال وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان جي چونڊن کان پوءِ مخالفن کي مبارڪون ڏيندي قائم ڪيو هو. هن بلاول ڀٽو زرداري تي زور ڀريو ته هو اسپورٽس مين اسپرٽ جو مظاهرو ڪندي چونڊ نتيجن کي تسليم ڪري ۽ جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ الزام تراشيءَ بدران هاڪاري ۽ تعميري سياست اختيار ڪري. وفاقي وزير ڳالهين دوران ميرپور ڊويزن جي عوام جو خاص ٿورو مڃيندي چيو ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر (ن) ليگ جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو، جنهن تي هو سندن ٿورائتو آهي.










