اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي 29 جولاءِ کان 5 آگسٽ دوران ملڪ ۾ وڌيڪ سانوڻي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق 29 جولاءِ کان عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، اولهه وارين هوائن جو سلسلو هن وقت اترئين علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي، جيڪو وڌيڪ شدت اختيار ڪري پهرين آگسٽ کان ملڪ جي اڪثر مٿانهين ۽ وچولي علائقن کي …
موسميات کاتي پاران 29 جولاءِ کان 5 آگسٽ دوران ملڪ ۾ سانوڻي برساتن جي اڳڪٿي

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي 29 جولاءِ کان 5 آگسٽ دوران ملڪ ۾ وڌيڪ سانوڻي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق 29 جولاءِ کان عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، اولهه وارين هوائن جو سلسلو هن وقت اترئين علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي، جيڪو وڌيڪ شدت اختيار ڪري پهرين آگسٽ کان ملڪ جي اڪثر مٿانهين ۽ وچولي علائقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. ان موسمي نظام جي اثر هيٺ ڪشمير ۾ 28 جولاءِ کان 05 آگسٽ دوران نيلم ويلي، مظفرآباد، راولاڪوٽ، پونڇ، هٽيان، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر ۽ ميرپور ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي. 29 جولاءِ کان 04 آگسٽ دوران اسلام آباد/ راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزيرآباد، سيالڪوٽ، نارووال، لاهور، اوڪاڙه، قصور، شيخوپوره، ننڪانه صاحب، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، چنيوٽ، خوشاب، ميانوالي، ليه، ڀڪر، نورپورٺل، سرگوڌا، ساهيوال ۽ پاڪپتن ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات، جڏهن ته ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو به امڪان آهي. 31 جولاءِ کان 03 آگسٽ دوران بهاولپور، بهاولنگر، رحيم يار خان، خانپور، ملتان، وهاڙي، خانيوال، لوڌران، مظفر ڳڙه، ڪوٽ ادو، ڊيره غازي خان ۽ راجن پور ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. خيبر پختونخوا ۾ 29 جولاءِ کان 5 آگسٽ دوران دير، چترال، سوات، ڪوهستان، مالاڪنڊ، نوشهره، چارسده، ڪرڪ، ٽانڪ، لڪي مروت، صوابي، شانگلا، بٽگرام، بونير، ڪوهاٽ، ڪرم، ڊي آءِ خان، بنون، وزيرستان، باجوڙ، مهمند، خيبر، اورڪزئي، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، پشاور، مردان ۽ هنگو ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۾ ديامر، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، گلگت، گانچي ۽ شگر ۾ 28 جولاءِ کان 6 آگسٽ دوران تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. بلوچستان ۾ 31 جولاءِ کان 3 آگسٽ دوران اوڀر اولهندي علائقن ۾ زوب، شيراني، لورالائي، ڪوهلو، سبي، قلات، نصيرآباد، جهل مگسي، جعفرآباد، بارکان، ڊيره بگٽي، زيارت، خضدار، لسٻيلو، آواران، تربت، ڪيچ، پنجگور، اورماڙه، پسني، گوادر ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. سنڌ ۾ 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، حيدرآباد، ڪراچي، مٽياري، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، قمبر، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، خيرپور، نوشهروفيروز ۽ ٺٺو ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. امڪاني اثرن ۽ احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي 30 جولاءِ کان 04 آگسٽ دوران اسلام آباد/ راولپنڊي، پشاور، نوشهره، گجرات، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، ملتان ۽ فيصل آباد، جڏهن ته 31 جولاءِ کان 02 آگسٽ دوران سنڌ ۾ نواب شاهه، سکر، شهيد بينظير آباد، حيدرآباد، ٺٺو، بدين، سانگهڙ، خيرپور، مٺي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار ۾ تيز برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو انديشو آهي. تيز برساتن، آنڌاڻي ۽ وڄ ڪرڻ سبب ڪمزور تعميرات (سولر پينلز، بجلي جي ٿنبن، بل بورڊز وغيره) کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. سياح ۽ مسافر اڳڪٿي دوران محتاط رهن ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.










