اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سفارتي مشنز جي نئين سر جوڙجڪ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز جي انتظامي ۽ عملي ڍانچي جو جامع جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏني جيڪي منظوري جي لاءِ وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سفارتي مشنز جي نئين سر جوڙجڪ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سفارتي مشنز جي نئين سر جوڙجڪ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز جي انتظامي ۽ عملي ڍانچي جو جامع جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏني جيڪي منظوري جي لاءِ وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب انهن سفارشن جو مقصد سفارتي مشنز جي ڪارڪردگي ۽ موثريت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هدايت ڪئي ته سفارشن ۾ سفارتي مشنز ۾ مختلف وزارتن ۽ پرڏيهي آفيس جي مختلف شعبن جي وچ ۾ بهتر رابطاڪاري، اقتصادي سفارتڪاري جي فروغ ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ اقتصادي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفارتي سرگرمين کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.










