نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران آمريڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ آمريڪا مان آيل ڪانگريس جي وفد جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وفد ۾ آمريڪي نمائندن جي ايوان جي ميمبرن ريان زنڪي ۽ مائيڪل بامگارٽنر کانسواءِ 33 رڪني آمريڪي ڪاروباري وفد پڻ شامل هو. وفد جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم محمد …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ آمريڪا مان آيل ڪانگريس جي وفد جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وفد ۾ آمريڪي نمائندن جي ايوان جي ميمبرن ريان زنڪي ۽ مائيڪل بامگارٽنر کانسواءِ 33 رڪني آمريڪي ڪاروباري وفد پڻ شامل هو. وفد جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ايندڙ مثبت اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو. هن پارلياماني رابطن جي تسلسل، اقتصادي تعاون جي فروغ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، جدت، ٽيڪنالاجي، توانائي، زراعت، مينوفيڪچرنگ، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع امڪانن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن آمريڪي ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي ان عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ، اقتصادي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ڊگهي مدي واري حصيداري جي حوصلا افزائي جاري رکي ويندي.

مزید خبریں