سال 2030ع تائين پاڪستان کي هيپاٽائيٽس سي کان پاڪ ملڪ بڻائڻ آهي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هاڻي تائين هيپاٽائيٽس سي پروگرام تحت صرف 21 هزار شهرين جي اسڪريننگ ٿي چڪي آهي جڏهن ته حڪومت هر شهري جي اسڪريننگ تي اٽڪل 7 هزار روپيه خرچ ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن شهرين کي اپيل …

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هاڻي تائين هيپاٽائيٽس سي پروگرام تحت صرف 21 هزار شهرين جي اسڪريننگ ٿي چڪي آهي جڏهن ته حڪومت هر شهري جي اسڪريننگ تي اٽڪل 7 هزار روپيه خرچ ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو حڪومت سان سهڪار ڪن ته جيئن اسڪريننگ جو عمل تيز ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت جو هدف 2030ع تائين پاڪستان کي هيپاٽائيٽس سي کان پاڪ ملڪ بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته جنهن شهري ۾ هيپاٽائيٽس سي جي سڃاڻپ ٿيندي، ان جي علاج جي پهرين ڪورس تي 34 هزار روپيه لاڳت ايندي، جيڪا حڪومت برداشت ڪندي. هر مريض کي علاج جا 2 ڪورس مفت فراهم ڪيا ويندا، جن تي مجموعي طور تي 68 هزار روپيه خرچ ٿيندا. هن چيو ته صحت تي هڪ ڊالر جي سيڙپڪاري سان معيشت کي 8 ڊالرن جو فائدو حاصل ٿيندو آهي، ان ڪري صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي صحت جي نظام کي پاڻ بهتر بڻائڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ان مسئلن جي حل لاءِ ڪو فرشتو نه ايندو. هن اينٽي بائيوٽڪس جي غير اثرائتي هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جن مريضن کي 3 ڏينهن ۾ صحتياب ٿيڻ گهرجي، انهن کي هاڻي صحتياب ٿيڻ ۾ 8 ڏينهن لڳي رهيا آهن، جيڪو اينٽي مائيڪرو بيل مزاحمت جي وڌندڙ مسئلي جي عڪاسي ڪري ٿو.

مزید خبریں