سپريم ڪورٽ پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽيءَ جون ضمانتون رد ڪرڻ جو اپيلون اڪلائي ڇڏيون، ٽرائل ڪورٽ کي ٻن هفتن ۾ ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پنجاب حڪومت طرفان پنجاب جي اڳوڻي وزيراعلى پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽيءَ جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ داخل اپيلون اڪلائي ڇڏيون، جڏهن ته قرار ڏنو ته جيڪڏهن جوابدار ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيا ته ٽرائل ڪورٽ قانون مطابق سندن ضمانتون خارج ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ بينچ اڱاري ڏينهن ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پنجاب …

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پنجاب حڪومت طرفان پنجاب جي اڳوڻي وزيراعلى پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽيءَ جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ داخل اپيلون اڪلائي ڇڏيون، جڏهن ته قرار ڏنو ته جيڪڏهن جوابدار ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيا ته ٽرائل ڪورٽ قانون مطابق سندن ضمانتون خارج ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ بينچ اڱاري ڏينهن ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پنجاب جي پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته جوابدار هيستائين 18 ڀيرا ٻڌڻي ملتوي ڪرائي چڪا آهن. ان تي چيف جسٽس يحيى آفريدي پڇاڻو ڪيو ته جوابدار ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڇو ناهن ٿي رهيا. پرويز الاهي جي وڪيل علي ظفر پراسڪيوٽر جي موقف جي مخالفت ڪندي چيو ته اها حقيقت جي ابتڙ آهي. هن ٻڌايو ته پرويز الاهي هڪ سال تائين جيل ۾ رهيو، هيستائين نه چارج فريم ٿيو آهي ۽ نه وري ڪي شاهد پيش ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس يحيى آفريدي ريمارڪس ڏيندي چيو ته شاهد پيش ڪرڻ پراسيڪيوشن جي ذميواري آهي پر عدالت ۾ جوابدارن جي حاضري لازمي آهي ۽ قانون مان غلط فائدو کڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي ته اها ٻن هفتن اندر ڪيس جي ٻڌڻي ڪري. عدالت اهو به واضع ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيا ته ٽرائل ڪورٽ قانون مطابق سندن ضمانت رد ڪرڻ جو اختيار استعمال ڪري سگهي ٿي.