اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائد ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٽيم آزاد ڪشمير ۾ تمام گهڻي ڪامياب چونڊ مهم هلائي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم آزاد ڪشمير جي چونڊن جي …
وزيراعظم پاران آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائد ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٽيم آزاد ڪشمير ۾ تمام گهڻي ڪامياب چونڊ مهم هلائي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي واضح برتري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ سياسي پارٽين ڀرپُور حصو ورتو، جيڪو جمهوري عمل جي ڪامياب انعقاد جي نشاني آهي. هن چيو ته عوام ايندڙ مرحلي ۾ ساڳئي جوش سان حصو وٺي جمهوري عمل کي ڪامياب بڻائي.











