توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏئي، وزيراعظم پاران آئل ريفائنريز جي اپ گريڊيشن وقت جي اهم ضرورت قرار

اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آئل ريفائنريز جي اپ گريڊيشن کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد گهرجن سان ٺهڪندڙ ريفائنريز نه رڳو ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي بهتر طريقي سان پورو ڪنديون پر درآمدي ٻارڻ تي ڀاڙڻ ۾ …

اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آئل ريفائنريز جي اپ گريڊيشن کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد گهرجن سان ٺهڪندڙ ريفائنريز نه رڳو ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي بهتر طريقي سان پورو ڪنديون پر درآمدي ٻارڻ تي ڀاڙڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ ۽ ماحول دوست ٻارڻ جي فراهمي ۾ پڻ مددگار ثابت ٿينديُون. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس اڱاري تي وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، احسن اقبال، لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آئل ريفائنريز جي اپ گريڊيشن وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ اهو پاڪستان جي توانائي تحفظ جي جامع نظام جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. هن چيو ته جديد گهرجن سان هم آهنگ ريفائنريز نه رڳو ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي بهتر طريقي سان پورو ڪنديون پر درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول دوست ٻارڻ فراهم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿينديُون. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته موجوده ريفائنريز جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ لاءِ انهن جي اپ گريڊيشن تمام گهڻي ضروري آهي، يورو-4 ۽ يورو-5 معيار جي ٻارڻ جي پيداوار پاڪستان جي عالمي ماحولياتي واعدن جي تڪميل، فضائي آلودگي ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي بهتر معيار جو ٻارڻ فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اوگرا جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سڌارا متعارف ڪرايا وڃن ته جيئن توانائي جي شعبي ۾ مقابلي، شفافيت ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملي. وزيراعظم زور ڏنو ته نئين پاليسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ، ان تي موثر ۽ بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا دير برداشت نه ڪئي ويندي. هن لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته سڀني لاڳاپيل ڌُرين سان ويجها رابطا رکندي سڌارن واري عمل کي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته حڪومت توانائي جي شعبي ۾ پائيدار سڌارن، جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي. وزيراعظم براؤن فيلڊ ريفائنريز بابت ترميمي پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023ع جي فروغ لاءِ قطر، سعودي عرب ۽ ٻين نار ملڪن ۾ روڊ شوز منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم براؤن فيلڊ ريفائنريز جي حوالي سان ريفائننگ پاليسي ۾ ترميم بابت پيٽروليم واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي ڪم ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اسٽريٽجڪ ذخيرن کي وڌائڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ آئل ريفائنريز جي اپ گريڊيشن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ پاليسي تي عملدرآمد تي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته براؤن فيلڊ ريفائنريز بابت پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023ع ۾ ڪيل ترميمن جو مقصد ماحول دوست يورو-5 سان ٺهڪندڙ پيٽرول ۽ ڊيزل جي پيداوار کي يقيني بڻائڻ، فرنس آئل ۽ گهٽ معيار واري پيٽروليم شين ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي.