وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اهم فيصلن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي لاءِ ٻئي ڌريون ويجهو تعاون جاري رکنديون. هو پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ سان ڳالهائي رهيو هو جنهن سومر …

اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اهم فيصلن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي لاءِ ٻئي ڌريون ويجهو تعاون جاري رکنديون. هو پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ سان ڳالهائي رهيو هو جنهن سومر ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ پڻ موجود هئي. وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي هلندڙ سال مئي ۾ پنهنجي چين جي دوري کي خوشگوار انداز ۾ ياد ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اهم فيصلن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي لاءِ ٻئي ڌريون ويجهو تعاون جاري رکنديون ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل فائدا حاصل ڪري سگهي. ملاقات دوران وچ اوڀر، افغانستان ۽ ڏکڻ ايشيا سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني سفير وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته چين پاڪستان کي پنهنجو مضبوط ڀاءُ سمجهي ٿو ۽ پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ سان گڏوگڏ ان جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندو.

مزید خبریں