لاهور- 26 جولاءِ (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي ويمنز انڊر 19 ٽيم جي ڪپتان ميڪي وين ورسٽ پاڪستان جي ڪامياب دوري جي پڄاڻي تي پي سي بي، جي مهمان نوازي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اسان کي بهترين ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪيون ويون، جنهن تي پي سي بي جي ٿورائتي آهيان. پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس ٽيم کي پنجن ميچن جي ٽي …
پاڪستان جي دوري دوران پي سي بي بهترين ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪيون: ڏکڻ آفريقي ويمنز ڪپتان

مزید خبریں
لاهور- 26 جولاءِ (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي ويمنز انڊر 19 ٽيم جي ڪپتان ميڪي وين ورسٽ پاڪستان جي ڪامياب دوري جي پڄاڻي تي پي سي بي، جي مهمان نوازي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اسان کي بهترين ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪيون ويون، جنهن تي پي سي بي جي ٿورائتي آهيان. پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس ٽيم کي پنجن ميچن جي ٽي 20 سيريز ۾ ڪاميابي تي تمام گهڻي خوشي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڪاميابي لاءِ رانديگرياڻين تمام گهڻي محنت ڪئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترين ئي رانديگرياڻين جو عالمي ڪرڪيٽ ۾ اهو پهريون تجربو هو، ان لاءِ سيريز کٽڻ هميشه ياد رهندو. هن وڌيڪ چيو ته انڊر 19 رانديگرياڻين لاءِ نائيٽ ميچون منعقد ڪرڻ هڪ بهترين قدم آهي، جنهن سان نوجوان رانديگرياڻين کي مستقبل ۾ وڏين ميچن لاءِ بهترين تياري جو موقعو ملندو.











